پاڪ چين دوستي باهمي احترام ۽ تعاون جي هڪ لازوال مثال آهي

پاڪ چين دوستي باهمي احترام ۽ تعاون جي هڪ لازوال مثال آهي

چينگدو: (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي باهمي احترام ۽ تعاون جي هڪ لازوال مثال آهي.ٻئي گولڊن پانڊا انٽرنيشنل ڪلچر فورم کي خطاب ڪندي، صدر آصف علي زرداري فنون لطيفه، ثقافتي تعاون ۽ پاڪستان-چين لاڳاپن تي روشني وڌي.صدر زرداري، ايوارڊ يافته فنڪارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته فنڪارن جون تخليقي صلاحيتون سرحدن جي پابندين کان آزاد آهن ۽ ماڻهن کي متحد ڪن ٿيون. هن سچوان صوبي ۾ پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر ۽ پبلسٽي ڊپارٽمينٽ جي وزير لي شولي جو شڪريو ادا ڪيو.آصف زرداري وڌيڪ چيو ته پاڪستان چين جي “تهذيب جي مٽاسٽا ۽ باهمي سکيا” جي ويزن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. چين جا عالمي قدم GDI، GSI ۽ GGI قدم پائيدار ترقي، علائقائي استحڪام ۽ عالمي ادارن ۾ شرڪت کي فروغ ڏين ٿا. صدر زور ڏنو ته GGI تهذيبن جي تنوع، ثقافتي برابري ۽ ماڻهن کان ماڻهن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. فن هڪ عالمگير ٻولي آهي جيڪا فرقن کي ختم ڪري ٿي، جڏهن ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي باهمي احترام ۽ تعاون جي هڪ لازوال مثال آهي. ثقافت امن، خوشحالي ۽ گڏيل مستقبل لاءِ هڪ اهم پل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو