پاڪ نيوي 1 ارب ڊالر جي منشيات پڪڙي ورتي، آمريڪا پاران تعريف

پاڪ نيوي 1 ارب ڊالر جي منشيات پڪڙي ورتي، آمريڪا پاران تعريف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان نيوي عربي سمنڊ ۾ اربين رپين جي منشيات ضبط ڪري دنيا ۾ پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيت جو ثبوت ڏنو آهي، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ڪامياب آپريشن تي پاڪستان نيوي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سينٽ ڪام هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هي آپريشن سعودي جي اڳواڻي ۾ جوائنٽ ٽاسڪ فورس 150 سان لاڳاپيل پي اين ايس يرموڪ پاران ڪيو ويو، صرف 48 ڪلاڪن ۾ پاڪستان نيوي ٻن شڪي ٻيڙين مان ٻه ٽن ڪرسٽل ميٿ، 350 ڪلوگرام برف ۽ 50 ڪلوگرام ڪوڪين هٿ ڪئي، جن جي ڪل قيمت 972.4 ملين ڊالر هئي،رائل سعودي نيوي جي ڪمانڊر فهد الجويد هن ڪامياب آپريشن کي عالمي تعاون جي هڪ بهترين مثال قرار ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو