عدليا ۾ ڏار، بينچ ڏسي ٻڌائي سگهان ٿو فيصلو ڇا ايندو، اعتزاز

عدليا ۾ ڏار، بينچ ڏسي ٻڌائي سگهان ٿو فيصلو ڇا ايندو، اعتزاز

لاهور (ويب ڊيسڪ) نامور وڪيل اعتزاز احسن چيو آهي ته عدليه ۾ ڏار پئجي ويو آهي. عدليا جي گڏجي فرضن جي ادائگي ممڪن نه رهي آهي.  پارليامينٽ ۽ عدليا وچ ۾ تاريخي جنگ شروع ٿي وئي آهي.لاهور ۾ آئين جي تقدس ۽ عدليه جي آزادي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اعتزاز احسن چيو ته سياسي پارٽيون هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ آهن. هن چيو ته عدليا ۾ هڪ گروپ الف آهي ۽ ٻيو ب آهي، هاڻي ته بينچ جي جوڙجڪ ڏسي ٻڌائي سگهجي ٿو ته فيصلو ڪهڙو ايندو.اعتزاز احسن چيو ته جيڪڏهن ادارا تڪليف ۾ آهن ته اسان کي سوچڻو پوندو.هن چيو ته سياسي معاملا عدليا ۾ داخل ٿي ويا آهن، سياسي معاملا پارليامينٽ ۾ رهڻ گهرجن. اعتزاز احسن چيو ته عدليا ۾ ڇڪتاڻ اچي وئي آهي ۽ اها ڇڪتاڻ ان حد تائين پهچي وئي آهي جو گڏجي ڪم ڪرڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته هي معاملو انتهائي سنگين ٿي ويو آهي، جڏهن عدليه آئين جي تشريح ڪري ٿي ته پارليامينٽ ترميمون آڻي ٿي، جڏهن پارليامينٽ ترميم ڪري ٿي ته عدليا ان جي تشريح ڪرڻ شروع ڪري ٿي ۽ ان کي رد ڪري ٿي. ڪوئي ۽ ٻلي وارو کيل جاري آهي. چونڊن بابت هن چيو ته آئين چوي ٿو ته چونڊون 90 ڏينهن اندر ٿيڻ گهرجن، جيڪو به عدليه جي فيصلي تي عمل نه ڪندو ان کي نااهل ڪيو ويندو.اعتزاز احسن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عمل ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو