پارليامينٽ جي اختيارن جو هر صورت ۾ تحفظ ڪنداسين: وزيراعظم

پارليامينٽ جي اختيارن جو هر صورت ۾ تحفظ ڪنداسين: وزيراعظم

لنڊن (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو پارليامينٽ جي استحقاق ۽ آئيني اختيار جو هر صورت ۾ تحفظ ڪندا، پارليامينٽ پنهنجي دائري ۾ رهي پنهنجو حق استعمال ڪندي. لنڊن ۾ مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ميان ثاقب نثار نواز شريف کي نااهل ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، نوازشريف کي ڪوڙو ۽ بي بنياد الزامن تي نااهل ڪيو ويو، ثاقب نثار ڇا ڪيو؟ ڏينهن رات سوموٽو طاقت جو استعمال ڪيو، عوامي مفاد جي ڪنهن به معاملي تي سوموٽو نه ورتو.وزيراعظم چيو ته ميان ثاقب نثار جو هڪ ئي مقصد هو ته نواز شريف کي شڪست ڏئي عمران خان کي ڪامياب ڪرايو.ثاقب نثار پي ٽي آءِ جي پوليٽيڪل ايجنٽ طور ڪم ڪندو رهيو، آڊيو ليڪس هاڻي سمورا ڪردار بي نقاب ڪري ڇڏيا،سندس پٽ جو هڪ آڊيو ليڪ منظر عام تي آيو آهي.ڇا هاڻي ڪو شڪ آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح عمران خان کي واپس آڻڻ جي سازش ٿي رهي آهي؟ هن چيو ته ثاقب نثار جي پٽ جي آڊيو جو معاملو پارليامينٽ ۾ اٿاريو ويو آهي ۽ سندس پٽ کي پارلياماني ڪميٽي به طلب ڪيو آهي.شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ چونڊون هڪ ڏينهن ٿينديون ۽ هڪ ئي ڏينهن ٿيڻ گهرجن، پنجاب بابت ماضي ۾ جيڪو غلط تاثر پيدا ڪيو ويو هو اهو ختم ٿي ويو آهي، پنجاب وڏو ڀاءُ ناهي، چارئي صوبا برابر آهن. هاڻي رڳو پنجاب ۾ چونڊون ڪرائي پاڪستان خلاف سازش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو