ڀرياسٽي (سنڌ يار) ڀرياسٽي ويجهو ڳوٺ عطامحمد خاصخيلي ۾ موٽر سائيڪل جي پئسن جي ڏيتي ليتي تان خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ممتاز خاصخيلي ۽ نجم خاصخيلي وچ ۾ جيهڙو ٿي پيو جنهن سبب لٺيون لڳڻ ڪري هڪ ڄڻو ممتاز خاصخيلي زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳوٺاڻن زخمي حالت ۾ ڀرياسٽي اسپتال داخل ڪرايو جڏهن ته ان سلسلي ۾ زخمي نوجوان ٻڌايو ته مان گاهه ڪري رهيو هيس ته جوابدار نجم خاصخيلي ۽ ٻن اڻڄاتلن لٺيون ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا هن ٻڌايو ته اسان جو موٽر سائيڪل جي ڏيتي ليتي تان مسئلو هلندڙ هيو جنهن جو فيصلو پڻ ٿيل هيو ، جڏهن ته زخمي نوجوان جي فرياد تي ڀرياسٽي ٿاڻي تي حملي آوارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي پر آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي .










