اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) کي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي مڃڻ جي صورت ۾ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اهم وزارت جو قلمدان ملڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ جي منظوري کانپوءِ وفاقي ڪابينا ۾ ڦيرڦار جو امڪان آهي، نوان چهرڙا سامهون آندا ويندا. وزيراعظم سڀني وزيرن کان ڪارڪردگي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي، ڪارڪردگي رپورٽ کانپوءِ وزيرن جا قلمدان تبديل ڪرڻ جو عمل شروع ٿيندو، ڪامرس، پاور، هائوسنگ، مواصلات، فنانس ۽ پرڏيهي معاملن تي تبديلين جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جا ڪيترائي خاص معاون به تبديلي جي وڪڙ ۾ اچي سگهن ٿا.










