پ پ سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهين جي حمايت ڪري ٿي

پ پ سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهين جي حمايت ڪري ٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وفاقي وزير ۽ ترجمان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين شازيه مري جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهين جي حق ۾ آهي.هڪ بيان ۾ شازيه مري چيو ته سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهين جي نگراني ڪرڻ سپريم ڪورٽ جو ڪم ناهي.هن چيو ته عمران احمد نيازي پاڻ قومي اسيمبلي مان ڀڄي ويو، کيس خبر آهي ته عدالتي ڪڇي تي بيٺل پنجاب حڪومت ڊهي وڃڻ واري آهي.سندس چوڻ هو ته عمران نيازي جي ذهني حالت لمحه لمحي تبديل ٿي رهي آهي.وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته اڪيلي پنجاب ۾ چونڊون وفاق جي سالميت خلاف گھنائوني سازش آهي. قومي اسيمبلي ۽ ٻن صوبن جي اسيمبلين جو مدو پورو ڪرڻ آئيني تقاضا آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو