ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ٽڪ ٽاڪ هڪ نئين فيچر اسٽريڪس جي آزمائش ڪري رهيو آهي جيڪو سنيپ چيٽ جي خاصيت سان ملندڙ جلندڙ آهي. وڊيو شيئرنگ ايپ تصديق ڪئي آهي ته فيچر کي آزمايو پيو وڃي. ڪمپني موجب هن فيچر کي محدود استعمال ڪندڙن ۾ آزمايو پيو وڃي پر ان بابت وڌيڪ تفصيل في الحال نٿا ڏئي سگهون. هن فيچر جا اصول بلڪل سادا آهن ۽ ان جو مقصد صارفين کي مصروف رکڻ ۽ وڌيڪ دير ايپ استعمال ڪرڻ آهي. توهان کي ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪندڙ کي 3 ڏينهن تائين مسلسل پيغام موڪلڻا پوندا. جڏهن توهان ايئن ڪندا ته توهان کي هڪ اسٽريڪ بيج ملندو جيڪو اسٽريڪ ڏينهن جي تعداد سان چيٽ ۾ ڏيکاريو ويندو. جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر چيٽ ۾ ڪوبه پيغام نه موڪليو ويو ته پوءِ اهو سلسلو ختم ٿي ويندو، پر صارفين کي ان کان اڳ ٽڪ ٽاڪ ذريعي اطلاع ڏنو ويندو. هي فيچر سنيپ چيٽ ۾ پڻ ڪم ڪري ٿو ۽ اهو ماڻهن کي اهو ثابت ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو ته هو ڪنهن ماڻهوءَ سان ڪيترو ويجهو آهن ۽ انهن جو ڪيترو رابطو آهي.










