ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايڪسائيز کاتي، حڪومت سنڌ انقلابي قدم کڻندي ٽيڪس نظام کي ون لنڪ سان ڳنڍي ڇڏيو آھي، جنھن تحت عوام ھاڻي گھر ويٺي ٽيڪس ادا ڪري سگھندا. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته نئين ڊجيٽل سروس عوام جو وقت بچائڻ، پريشاني گھٽائڻ ۽ عوام جي آڱرين تائين سھولت آڻڻ لاءِ آندي وئي آھي، نئين آن لائن نظام سان شفافيت کي ھٿي ملندي ۽ عوام گھر ويٺي ٽيڪس ادا ڪري سگھندو. ھن چيو ته عوام ڪنھن به ٽيڪس جي ادائگي منٽن اندر محفوظ ۽ ڀروسي جوڳي طريقي سان ڪري سگھندو، ايڪسائز ۽ ٽيڪسشن کاتو عوام کي بھترين ڪارڪردگي ۽ سھولت فراھم ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وڏن وڏن شھرن جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چوڪيون قائم ڪيون وينديون، جتي گاڏين جي ٽيڪسز جي حوالي سان چيڪنگ ڪئي ويندي، ٽيڪس جمع نه ڪرائيندڙ گاڏين خلاف ڪارروايون ڪيون وينديون، پھرين مرحلي ۾ ڪراچي ٽول پلازا وٽ ھڪ ڪياسڪ قائم ڪيو ويندو، جتي گاڏين جي ٽيڪس جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويندو ۽ ٽيڪس نه پياريندڙ گاڏين کي اُن وقت تائين روڪيو ويندو، جيستائين گاڏي مالڪ ٽيڪس جمع نه ڪرائيندا. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کاتي جو اھم اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن محمد سليم راجپوت، ڊي جي ايڪسائز اورنگزيب اڪبر پنھور ۽ ٻين ڊائريڪٽرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ شورومز تي گاڏين جي رجسٽريشن آسان ڪرڻ جون به ھدايتون جاري ڪيون، جڏھن ته پريمئم نمبر پليٽس جاري ڪرڻ جو ٻيو مرحلو به جلد شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پريمئم نمبر پليٽس جاري ڪرڻ جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪيو ويندو ۽ ٻئي مرحلي ۾ 50 نمبر ٻوڏ متاثرن جي لاءِ فنڊ ريزنگ ايونٽ تحت جاري ڪيا ويندا. ھن چيو ته پريمئم نمبرز جاري ڪرڻ لاءِ آن لائن فنڊ ريزنگ ايونٽ به منعقد ڪيو ويندو، جتي عطيو ڪندڙن جي حاصلات لاءِ 200 نمبر ميسر ھوندا، ان مان حاصل ٿيڻ واري رقم ٻوڏ متاثرن لاءِ گھر ٺاھڻ لاءِ عطيو ڪئي ويندي، 29 جون 2024 تي منعقد ٿيل پھرين فنڊ ريزنگ ايونٽ ۾ اڳواٽ ئي پريمئم نمبر پليٽس حاصل ڪرڻ وارن کي الڳ سمارٽ ڪارڊ جاري ڪيا ويندا.ھن چيو ته سمارٽ ڪارڊ سان پريمئم نمبر پليٽس جي جعلسازي جي حوصلا شڪني ٿيندي، پريمئم نمبر پليٽس مالڪن کي گاڏي تبديل ڪرڻ جي صورت ۾ نئون سمارٽ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو.










