ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان وومين ٽي 20 ٽيم ڏکڻ آفريڪا وومين ٽيم کي 53 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. قومي وومين ٽيم ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 144 رنسون ٺاهيون. ڪپتان فاطمه ثنا 30 بالن تي 47 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته عاليه رياض ۽ سدره امين 26-26 رنسن جي اننگز کيڏي. جواب ۾، ڏکڻ آفريڪي وومين ٽيم 17 هين اوور ۾ 91 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جنهن ۾ انيري ڊارڪسن 30 رنسون ٺاهيون. پاڪستان پاران سدره اقبال ۽ فاطمه ثنا ٽي ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون. اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڏکڻ آفريڪا وومين ٽيم اڳ ۾ ئي سيريز ٻه هڪ تان کٽي چڪي آهي.










