ٽنڊو محمد خان (ن س) سنڌ سميت سڄي ملڪ جيان ۾ به ڪربلا جي شهيدن جوچالهيو عقيدت واحترام سان ملايو ويو جڏهن تي شيخ ڀرڪيو جي مرڪزي امام بارگاه الحسيني سميت امام بارگاه سمڀاهاپاڻي امام بارگاه ڳوٺ گل حسن شاھ امام بارگاھ ڳوٺ فقير محمدخشڪ سميت چئن امام بارگاھ مان علم پاڪ ذوالجناحن ۽ سيجن سان ماتمي جلوس برآمد ٿيا ماتمي جلوس روايتي رستن کان ٿيندي سمورا ماتمي جلوس شيخ ڀرڪيو جي مين چوڪ تي پهتا جتي مجلس عزاه منقعد ڪئي وئي جتي مجلس عزاه کان پو۽ سوين عزادارن پاران ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لا۽ سينا زئي سميت زنجيرن ۽ ڇرين سان ماتم ڪيو ويو جڏهن ته شيخ ڀرڪيو پوليس ۽ رضاڪارن پاران سيڪيوٽري جا سخت انتظاميا ڪيا ويا هئا ماتم ۽ مجلسي جلوسن ۾ شرڪت ڪندڙن جي سخت چيڪنگ کانپو۽ ماتمي جلوسن ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ شيخ ڀرڪيو پوليس پاران ماتمي جلوسن جي مختلف روٽن تي پوليس پڪٽون پڻ قائم ڪيون ويون ۽ شيخ ڀرڪيو شھر ۾ سبيلن جا اسٽال پڻ لڳايا ويا هئا ننگر نياز ڪرڻ کانپو۽ ماتمي جلوس ساڳئي روايتي رستن کان ٿيندي پنهنجي پنهنجي امام بارگاهن تي نهر ٿي ويا










