ٽنڊو محمد خان ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

ٽنڊو محمد خان ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار) پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي ٽنڊو محمد خان پاران فخر ايشيا قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 93 ھين سالگرهه جي ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب بخاري ھائوس تي ٿي گذري.ان موقعي تي پ پ ايم پي اي ۽ ضلعي صدر سيد اعجاز حسين شاهه بخاري ۽ اڳوڻي پ پ ايم پي اي محمد امين لاکو پاران ڪارڪنن ۽ عھديدارن سميت سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.ان موقعي تي پ پ ايم پي اي سيد اعجاز شاهه بخاري خطاب ڪندي چيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪوشش سان ھن ملڪ پاڪستان کي ائٽمي طاقت ڏني ۽ پاڪستان جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪيو. ھن چيو ته شھيد ڀٽو اسان جو عظيم ليڊر ھو ۽ اڄ سڄي ملڪ جي عوام کيس ياد ڪري ٿي.تقريب کي اڳوڻي پ پ ايم پي اي حاجي امين لاکو خطاب ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ جي عوام کي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو زبان ڏني، دنيا کيس فخر ايشيا جو لقب ڏنو، سندس بھادري تي کيس سلام ٿا پيش ڪريون، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو نه رڳو عوام جو ليڊر ھو پر ھن کي سڄي دنيا احترام جي نگاهه سان ڏسندي ھئي.ھن چيو ڪڏھن به ڪنھن ظالم اڳيان نه جھڪيو. ان موقعي تي پ پ جو سينئر نائب صدر نور محمد ويسريو، يوٿ اڳواڻ صدر سيد سلال شاهه بخاري،  نسرين مڱڻھار، ڊاڪٽر مير حسن ملاح، ضلعي ۽ تعلقي سٽي جي عھديدارن ۽ ورڪرن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو