خانپورمهر /ٽنڊو باگو (نمائندن وٽان )هڏاڇر شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ۽ پڇڙي تائين پهچ نه ٿيڻ خلاف آبادگارن فدا سومرو، نوراحمد ھالیپوٽو. گل حسن سومرو، علي حسن هاليپوٽو غلام مصطفيٰ ڪارو هاليپوٽو، شاھنواز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن ۽ ھارين پاران ٽنڊو باگو-بدين روڊ تي هڏاڇر شاخ جي موري تي تي احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جي آمدرفت سخت متاثر ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن ۽ احتجاج ڪندڙ آبادگارن چيو ته آبپاشي کاتي جي نااهليءَ سبب هڏاڇر شاخ جي وقت سر صفائي ۽ کاٽي نه ڪرائي وئي آهي، جنهن ڪري شاخ ۾ مٽي ۽ ٻيون رڪاوٽون پيدا ٿي چڪيون آهن ۽ پاڻي اڳتي وڌڻ کان قاصر آهي. هنن چيو ته شاخ جي پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ ڪري اسان جون سوين ايڪڙ زرعي زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن ۽ بيٺل فصل سڪي تباهه ٿي رهيا آهن، جنهن سان آبادگارن کي لکن روپين جو مالي نقصان ٿي رهيو آهي. آبادگارن وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته هڪ طرف شاخ ۾ پاڻي گهٽ آهي ته ٻئي طرف بااثر ماڻهن پاران پاڻي جي چوري ۽ غيرقانوني ڪنديون (کاٽا) لڳائي پڇڙي جي آبادگارن جو حق ماريو پيو وڃي. لاڳاپيل آبپاشي عملدارن کي بار بار شڪايتن باوجود پاڻي چوري روڪڻ لاءِ ڪو به مؤثر قدم ناهي کنيو ويو، جيڪا پڇڙي جي ڪاشتڪارن سان سخت ناانصافي آهي. ڌرڻي ۾ موجود آبادگارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته: هڏاڇر شاخ جي فوري طور تي مڪمل صفائي ڪرائي وڃي. پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي. پاڻي چوريءَ ۾ ملوث بااثر ماڻهن ۽ غيرقانوني کاٽن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. آبادگارن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان جا جائز مطالبا فوري طور تي تسليم نه ڪيا ويا ۽ پاڻي بحال نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌائي سڄي ضلعي اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو….خانڳڙهه جي مختلف واهن بمبلي واھ، مبارڪپور مائينر، لٺ مائينر ۽ بخاري مائينر ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن خانپورمهر باءِ پاس تي وڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ڪجهه وقت لاءِ ٽريفڪ جي روانگي پڻ متاثر ٿي. احتجاج جي اڳواڻي حاجن مهر، ياسين مهر، شوڪت مهر ۽ ٻين ڪئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ آبادگارن شرڪت ڪري سخت نعريبازي ڪئي ۽ پنهنجي مطالبن جي حق ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. احتجاج ڪندڙن چيو ته سندن علائقن جي واهن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي نه هجڻ سبب بيٺل فصل سڪي رهيا آهن، زمينون بنجر بڻجڻ جي خطري ۾ آهن ۽ مالوند ماڻهو به سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن الزام هنيو ته آر ڊي 131 وٽ بااثر ماڻهن پاران غيرقانوني طور پاڻي روڪي هيٺين علائقن ڏانهن ويندڙ وهڪرو بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب سوين آبادگار متاثر ٿيا آهن. مظاهرين وڌيڪ الزام لڳايو ته سيڊا ڊائريڪٽر، انجنيئر گهوٽڪي، ايس ڊي او خانڳڙهه ۽ لاڳاپيل عملدار پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪرائڻ بدران پاڻي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث آهن، جنهن ڪري آبادگارن کي سندن قانوني حصي جو پاڻي نٿو ملي. هنن مطالبو ڪيو ته آر ڊي 131 تان پاڻي جي بندش فوري ختم ڪري سڀني واهن ۾ شفاف ۽ منصفاڻي بنيادن تي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ۽ ذميوار عملدارن خلاف جاچ ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا جلد قبول نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌائي وڌيڪ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، جنهن جي سموري ذميواري لاڳاپيل اختيارين تي هوندي.
مشهور خبرون










