اسلام آباد(بيورو رپورٽ)شماريات جي بيورو هفتيوار مهانگائي جي ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي.شماريات واري اداري موجب هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح 0.29 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 29.44 سيڪڙو تي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.شماريات واري اداري جو چوڻ آهي ته مهانگائي ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ هڪ هفتي دوران 17 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، ٽماٽي جي قيمت ۾ 48 رپيا 45 پئسا في ڪلو ۽ پياز جي قيمت ۾ 12 رپيا 69 پئسا في ڪلو واڌ ڪئي وئي. شماريات واري اداري موجب 390 گرام کير جي پائوڊر جي اگهه ۾ 6 رپيا 82 پئسا، ڪيلا 2 رپيا في درجن ۽ مڇي جي قيمت ۾ 2 رپيا 54 پئسا في ڪلو واڌ ٿي وئي آهي. شماريات واري بيورو جو چوڻ آهي ته چانور، کير، دہی، گوشت، کنڊ، صابڻ، انڊا ۽ ماني جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو جڏهن ته گذريل هفتي دوران 14 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 20 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.ايل پي جي جو گهريلو سلنڈر 124 رپيا 85 پئسا سستو ٿي ويو آهي، اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ 5 رپيا 64 پئسا، دال مسور 16 رپيا 23 پئسا، دال ماش 6 رپيا 45 پئسا، دال مونگ 6 رپيا 45 پئسا سستي ٿي وئي آهي. ڪڪڙ کان علاوه 247 پئسا في ڪلو، لوسن ۽ آلو جو اگهه به گهٽجي ويو.










