پنوعاقل(سنتوش ڪمار )دادلو ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪراچي کان پنجاب جي علائقي خان ٻيلا ڏانھن ويندڙ ڊاٽسن کي تيز رفتار ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ سبب سوزوڪي ڪلٽي ٿيڻ ڪري عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن جڏھن ته زخمين کي ڊاٽسن ذريعي تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو آهي زخمين ۾ ٻه ٻارڙيون سعديه، رابيعه ۽ ٻن عورتن مريم ۽ سلميٰ سميت 11 مرد جن ۾ راشد ، صمد ، عثمان ، طارق ، صغير ، طيب، الله بخش، جمشيد ،مشتاق ،خميسا ۽ حسن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن. زخمين ۾ پنجن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کين سکر ريفر ڪيو ويو آهي جڏھن ته دادلو پوليس ٽرڪ ۽ ڊرائيور کي پنھنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.










