ٽريفڪ حادثي ۾ ايس پي مارجي ويو، ٻه پوليس اهلڪار زخمي

ٽريفڪ حادثي ۾ ايس پي مارجي ويو، ٻه پوليس اهلڪار زخمي

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي واشڪ ۾ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ ايس پي مارجي ويو ۽ ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا.پوليس جو چوڻ آهي ته ايس پي عبداللطيف بلوچ پنجگور وڃي رهيو هو ته واشڪ وٽ سندس ڪار کي حادثو پيش آيو.پوليس موجب حادثي ۾ ايس پي عبداللطيف مارجي ويو ۽ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، لاش ۽ زخمي پوليس اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو