ابو ظهبي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 4 ڏينهن جو مڊل ايسٽ جي ٽن ملڪن، سعودي عرب، قطر ۽ يو اي اي جو دورو مڪمل ڪري جمعي تي واپس وطن روانو ٿي ويو. صدر ٽرمپ دنيا سان تجارت لاءِ نئين ٽيرف متعارف ڪرائڻ جو اشارو ڏيندي ٻڌايو ته اسان ايران کي ايٽمي معاهدي جي نئين تجويز ڏني آهي ۽ اميد ته جلد اهو معاهدو ٿي ويندو. هن چيو ته استنبول ۾ اڄ روس، يوڪرين ۽ ترڪيه وچ ۾ يوڪرين جنگبند ڪرن لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ جلد مان روسي صدر ولاديمر پيوٽن سان به ملاقات ڪندس. ان کان اڳ هن شيخ زيد بن سلطان النهيان مسجد گهمي ۽ ابرهيمي مذهبن جي هم آهنگي وارو بين المذهبي ڪمپليڪس جو به دورو ڪيو. يو اي اي هن ڪمپليڪس ۾ هڪ ئي جاءِ تي مسجد، سينيگاگ ۽ چرچ تعمير ڪيو آهي. هن روانگي کان اڳ ابو ظهبي ۾ بزنس ڪائونسل کي خطاب ڪندي پنهنجي دوري ۾ ڪامياب ڪاروباري معاهدا ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته يو اي اي آمريڪا ۾ مصنوعي ذهانت جي ڪيمپس کوليندو ۽ 1400 ارب ڊالر آمريڪا ۾ سيڙپڪاري ڪندو. مصنوعي ذهانت جو وڏو ڊيٽا سينٽ يو اي اي ۾ به قائم ڪيو ويندو. اها تجويز اڳ ۾ آمريڪا اهو چئي رد ڪئي هئي ته ان جي معلومات چين تائين پهچڻ جو خدشو آهي. جنهن ۾ 440 ارب توانائي جي منصوبن ۾ 2025 تائين سيڙپڪاري ڪرڻ به شامل آهن. اتحاد ايئرلائين 28 بوئنگ جهاز خريدڻ جو به معاهدو ڪيو آهي. هن بائيڊن انتظاميا تي نالو کڻڻ کانسواءِ تنقيد ڪندي چيو ته هنن دوست ملڪن کان 4 سال آمريڪا پري رهيو. آمريڪي صدر جڏهن ڪاروباري معاهدن تي خوشي جو اظهار پئي ڪيو ته سندس ملڪ ۾ ڊيموڪرٽ سينيٽرز قطر ۽ يو اي اي سان هٿيارن جي فراهمي وارن 3.5 ارب دالر جي ماليت جي معاهدن کي رد ڪرڻ لاءِ ٻه ٺهراءَ آمريڪي سينيٽ ۾ جمع ڪرايا آهن. هنن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ ذاتي دوستن کي خانداني ڪاروباري فائدي لاءِ هٿيار فراهم پيو ڪري. ان کان اڳ سعودي عرب 600 ارب ڊالر ۽ قطر 1200 ارب ڊالر جا ڪاروباري معاهدا صدر ٽرمپ سان ڪيا آهن. هن دوري دوران هن اسرائيل جو دورو ناهي ڪيو ۽ اسرائيل جي مخالفت باوجود ايران سان ايٽمي پروگرام بند ڪرڻ بابت ڳالهيون جاري رکيون آهن. حوثي باغين سان گذريل هفتي هن جنگبندي جو اعلان ڪيو پرهنن کان اسرائيل تي حملا نه ڪرڻ جي گارنٽي ناهي ورتي. هن شام تان پابنديون ختم ڪيون ۽ دنيا کي شام سان ڪاروبار جي اجازت ڏني آهي.










