ٽرائل ڪورٽ کي 9 مئي جي ڪيسن جا فيصلا 4 مهينن ۾ اڪلايو

ٽرائل ڪورٽ کي 9 مئي جي ڪيسن جا فيصلا 4 مهينن ۾ اڪلايو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 9 مئي واري ڪيسن ۾ ٽرائل ڪورٽ کي 4 مهينن اندر فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ 9 مئي تي جوابدار جي ضمانت منسوخي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي کان پوءِ عدالت ٽرائل ڪورٽ کي 4 مهينن اندر ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.ان موقعي تي هڪ جوابدار جي وڪيل چيو ته 4 مهينن ۾ ٽرائل ڪيئن مڪمل ٿيندو؟ اسان جي خلاف 35 ڪيس آهن، ۽ ٽرائل ايتري گهٽ وقت ۾ مڪمل نه ٿيندو.چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مشال خان جي قتل جو واقعو مردان ۾ ٿيو. مان ان وقت پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هوس. مشال خان جي قتل ڪيس جو ٽرائل 3 مهينن ۾ مڪمل ٿيو. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ڪارروائي ڪري سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو