لاهور(ويب ڊيسڪ)ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا کي 90 رنز تان پاڪستان شڪست ڏئي ٽن ميچز جي سيريز ۾ ٻه ميچون لڳاتار کٽي سيريز کٽي ورتي آهي. ٻئي ميچ ۾ به اسٽريليا جي بيٽنگ ناڪام ٿي وئي، اننگ جي ٽئين اوور ۾ ابرار احمد مچل مارش کي 18 رنسون ٺاهڻ بعد ايل بي ڊبليو ڪيو، ٽريوس هيڊ 4 رنز ٺاي صائم ايوب جي بال تي بولڊ ٿيو، ڪيمرون گرين 35 رنز ٺاهي عثمان طارق جي بال تي شاداب هٿان ڪيچ ٿيو، وڪٽ ڪيپر جوش انگلس کي 5 رنسن تي ابرار ايل بي ڊبليو ڪيو، ميٽ رينشا 2 رنسون ٺاهي نواز جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، ڪوپر ڪونولي هڪ رن ٺاهي شاداب جي بال تي بولڊ ٿيو، ميٽ شارٽ 27 رنسون ٺاهي ابرار جي بال تي بابر هٿان ڪيچ ٿيو، شاداب جي بال تي بولڊ ٿيو، زيوئر بارٽليٽ 10 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي بابر اعظم هٿان ڪيچ ٿيو، سين ايبٽ کي شاداب زيرو تي بولڊ ڪيو، ميٿيو ڪهنيمان 2 رنز ٺاهي عثمان طارق جي بال تي سلمان آغا هٿان ڪيچ ٿيو، ايڊم زمپا 3 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
ان کان اڳ پاڪستان ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن واري سيريز جي ٻئي ميچ ۾ آسٽريليا کي کٽڻ لاءِ 199 رنز جو هدف ڏئي ڇڏيو آهي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 198 رنز ٺاهيون. سلمان آغا 76 رنز ٺاهي نمايان رهيو.
ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ ٽي تبديليون ڪيون ويون. عثمان طارق، فهيم اشرف ۽ نسيم شاهه کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي، سلمان مرزا ۽ فخر زمان کي آرام ڏنو ويو.
پاڪستان جي اننگز
ٻيو ٽي ٽوئنٽي: پاڪستان جو آسٽريليا کي کٽڻ لاءِ 199 رنز جو هدف
آسٽريليا خلاف پاڪستان جي شروعات سٺي نه رهي. صاحبزادہ فرحان هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اننگز نه کيڏي سگهيو ۽ صرف 5 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
صائم ايوب 23 ۽ بابر اعظم به صرف 2 رنز ٺاهي پويلين موٽي آيا. اهڙي صورتحال ۾ ڪپتان سلمان علي آغا ذميوارانه ۽ تيز رفتار اننگز کيڏي، هن 40 بالن تي 76 رنز ٺاهيون.
ان کان علاوه عثمان خان به ففٽي اسڪور ڪئي ۽ هو 36 بالن تي 53 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. شاداب خان 28 ۽ محمد نواز 9 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن واري سيريز ۾ پاڪستان کي هن وقت هڪ صفر جي برتري حاصل آهي، پهرين ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 26 رنز سان شڪست ڏني هئي.










