ٻين وانگر  مون کي موقعو ملي ها ته ڪجهه مختلف ڪريان ها

ٻين وانگر مون کي موقعو ملي ها ته ڪجهه مختلف ڪريان ها

ميلبورن (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي اڳوڻي انٽرنيشنل ڪرڪيٽر عثمان قادر جو چوڻ آهي ته مون هاڻي آسٽريليا ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مان هتي رهندس ۽ کيڏندس،ميلبورن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجو پهريون منصوبو سٺو پرفارم ڪرڻ، آهستي آهستي اڳتي وڌڻ ۽ ملڪي سطح تي کيڏڻ آهي، عثمان قادر چوي ٿو ته مان مستقبل بابت گهڻو نٿو سوچيان، پر حال ۾ سٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، قومي ٽيم جي اڳوڻي رانديگر چيو ته جيڪڏهن مون کي شاداب خان، محمد نواز ۽ اسامه مير وانگر مسلسل موقعا ڏنا وڃن ها ته مان ڪجهه مختلف ڪري سگهان ها، پهرين ٻن سيريز ۾ سٺو ڪم ڪرڻ جي باوجود مون کي ٻاهر رکيو ويو، پسند ۽ ناپسند وڌيڪ هوندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو