ٻيلي کاتي جي ملازمن جو پگهارون آن لائن ڪرڻ لاءِ احتجاج

ٻيلي کاتي جي ملازمن جو پگهارون آن لائن ڪرڻ لاءِ احتجاج

روهڙي (ن سنڌيار) ٻيلي کاتي جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌو درياھ جي ڪپ تي،  فاريسٽ يونين ورڪر جي ضلعي صدر شمس الدين کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي ملازمن کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن. پنجاب، ڪي پي ڪي جي ملازمن کي وڌيڪ  اسڪيل ڏنو ويو آهي ۽ سنڌ ۾ ملازمن جون اڃان تائين پگهارون ئي آن لائن ناهن ٿيون مظاھرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ورڪرن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ته  ٻيلا تباھ ٿي ويندا ۽ هر ٻيلي تي  قبضاٿي ويندا. هوڏانهن سکر ڊويزنل فاريسٽ آفيسر افتخار احمد آرائين پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته  ننڍن ملازمن جو احتجاج ڪرڻ حق آهي. ملازمن جون پگهارون آن لائن ڪري ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ مراعتون ڏئي  بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو