روهڙي (ن سنڌيار) ٻيلي کاتي جي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌو درياھ جي ڪپ تي، فاريسٽ يونين ورڪر جي ضلعي صدر شمس الدين کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي ملازمن کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن. پنجاب، ڪي پي ڪي جي ملازمن کي وڌيڪ اسڪيل ڏنو ويو آهي ۽ سنڌ ۾ ملازمن جون اڃان تائين پگهارون ئي آن لائن ناهن ٿيون مظاھرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ورڪرن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ته ٻيلا تباھ ٿي ويندا ۽ هر ٻيلي تي قبضاٿي ويندا. هوڏانهن سکر ڊويزنل فاريسٽ آفيسر افتخار احمد آرائين پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته ننڍن ملازمن جو احتجاج ڪرڻ حق آهي. ملازمن جون پگهارون آن لائن ڪري ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ مراعتون ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي.










