ٻوڏ متاثرن جي حالت ۾ ڪا بهتري ناهي آئي: محمد حسين محنتي

ٻوڏ متاثرن جي حالت ۾ ڪا بهتري ناهي آئي: محمد حسين محنتي

نواب شاه (ن سنڌيار) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته هاڻوڪين برساتن کان پوءِ سنڌ حڪومت جي نااهلي ڪري سنڌ ۾ جيڪا ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي آهي ان ۾ ڪابه بهتري ناهي آئي،جيتوڻيڪ حڪومت کي سڄي دنيا مان متاثرن لاءِ وڏي پيماني تي امداد ملي رهي آهي، ريلوي ٽريڪ ڪيترن ئي ڏينهن کان بند جڏهن ته روڊ رستن جو نظام پڻ درهم برهم آهي، برساتن کي ٻن هفتن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود شهرن ۾ اڄ به برساتي پاڻي بيٺل آهي، سنڌ حڪومت سکڻن اعلانن ۽ دعون کان اڳتي وڌي عملي قدم کڻي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نواب شاه ۾ سانگهڙ روڊ تي الخدمت پاران قائم ڪچن جي دوري جي موقعي تي تقريب کي ڪندي ڪيو.ان موقعي تي کيس الخدمت جي صدر سليمان رئوف ۽ ضلعي امير سُرور احمد قريشي ٻڌايو ته الخدمت پاران برسات کان متاثر ماروئڙن لاءِ پهرين ڏينهن کان ئي امدادي سرگرمين جي شروعات ڪري ڇڏي هئي جنهن ۾ ماڻهن کي ريسڪو، خيما، خشڪ راشن ۽ پلاسٽڪ شيٽون ڏنيون ويون هن وقت 16 ڏينهن کان روزانو 2000 کان 25000 سئو ماڻهن تائين پڪل کاڌو پهچايو پيو وڃي جڏهن ته ميڊيڪل ڪيمپ ذريعي مُفت معائنو ۽ دوائون توڙي مڇرن جي خاتمي لاءِ اسپري پڻ ڪيو پيو وڃي. صوبائي امير محمد حسين محنتي چيو ته جن ماڻهن کان الله سائين راضي هوندو آهي انهن کي پنهنجي ٻانهن جي خدمت لاءِ مقرر ڪري ڇڏيندو آهي، حڪومت پاران متاثرن تائين امداد توڙي انهن جي بحالي لاءِ ڪوبه قدم ناهي کنيو ويو، ڪٿي ڪٿي سرڪاري گُدامن ۽ ٽرڪن مان ڦُرلُٽ جون خبرون پڻ اچي رهيون آهن، جماعت اسلامي آخري فرد جي بحالي تائين سُک سان ڪونه ويهندي، حڪومت شهرن توڙي ٻهراڙين مان پاڻي ڪڍي ته جيئن ماڻهو واپس پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي معمول واري حياتي گذاري سگهن. صوبائي امير هن مشڪل جي گهڙي ۾ سيلاب متاثرين لاءِ الخدمت جي رضاڪارن جي خدمت واري جذبي جي ساراهه ڪئي. ان موقعي تي شهر جي مشهور واپاري اڳواڻ چوڌري عبدالقيوم آرائين الخدمت جي ڪم جي ساراهه ڪندي چيو ته سرندي وارا الخدمت ۽ جماعت اسلامي جي ديانتداري تي ڀروسو ڪن ٿا. ان موقعي تي جماعت اسلامي جا اڳواڻ سردار احمد آرائين ۽ راشد مُڪرم پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو