ٻوڏ جي بحالي لاءِ مختلف ادارن کي جاري ڪيل فنڊن جي فرانزڪ آڊٽ جو حڪم

ٻوڏ جي بحالي لاءِ مختلف ادارن کي جاري ڪيل فنڊن جي فرانزڪ آڊٽ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻوڏ جي تباهي ۽ حڪومتي قدمن بابت مختلف ادارن کي جاري ڪيل فنڊن جي فرانزڪ آڊٽ جو حڪم ڏيندي آڊيٽر جنرل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.عدالت چيو ته وڏا فنڊ جاري ڪيا ويا پر امدادي ڪم شروع نه ڪيو ويو، لاڳاپيل اختيارين زباني جمع خرچ کانسواءِ عملي طور ڪجهه ناهي ڪيو.ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، پر سول ججن جون رپورٽون ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جي رپورٽ جي ابتڙ آهن، اين ڊي ايم اي پاران به رپورٽ جمع ڪرائي وئي.عدالت اين ڊي ايم اي جي انچارج کي به ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي مختلف ادارن کي ورتل فنڊن جي فرانزڪ آڊٽ جو حڪم ڏيندي آڊيٽر جنرل کان 27 آڪٽوبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو