ٻه نوجوان اغوا،ڀنگ طلب،وارثن جو احتجاج

ٻه نوجوان اغوا،ڀنگ طلب،وارثن جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ (ن س) ڪنڌڪوٽ لڳ بخشاپورمان اغوا ٿي ويلن جي وارثن جو ڪلام پاڪ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج خبرموجب ڏيڊھ مهينو اڳ بخشاپورجي شاهلي محلي مان اغوا ٿي ويل گل محمد ۽ ممتازملڪ جي بازيابي لاء عورتن جو ڪلام پاڪ کڻي پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ اڳيان احتجاج اغوا ٿي ويلن جي وارث عورتن گل محمد ملڪ جي ماء منظوراخاتون ۽ ممتازملڪ جي گهرواري زوليخاخاتون ۽ عاشق علي نادرعلي ملڪ ۽ عورتن روئيدي چيو ته اغوا ٿي ويلن کي ڏيڊھ مهينو گذري چڪو آھي ۽هو اڃان تائين بازياب نه ٿي سهگيا آھن ۽ پوليس صرف دلاسا ڏئي رهي آھي صرف خاموش تماشائي بڻيل آھن هنن چيو ته اسين غريب آھيون ڪنهن سان به دشمني نه آھي اسين ايس ايس پي ڪشمور ڊي آء جي لاڙڪاڻو آء جي سنڌ ۽ ڪورٽ سڳوري کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي پنهنجا پيارا ڌاڙيلن جي چنبي کان آزاد ڪرائي ڏنا وڃن۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو