لاهور(ويب ڊيسڪ)لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن کان لاهور بسنت جي رنگن کان محروم رهيو آهي. هڪ پوري نسل رڳو ڦِڪيون تصويرون ۽ گهراڻن جون ڪهاڻيون ٻڌي هن ميلي بابت سکيو آهي. پر هن هفتي بسنت هڪ زوردار واپسي لاءِ تيار آهي. جيتوڻيڪ انتهائي سخت ضابطن ۽ حفاظت بابت اڻٽٽ سوالن سان گڏ هي تقريب ڀرپور نموني ملهائڻ جي تياريون هلن پيون.
ٽين ايج ۽ ويهن سالن جي نوجوانن کي پهريون ڀيرو هن ڏند ڪٿائي بهار ميلي جو تجربو حاصل ٿيندو، جڏهن ته وڏي عمر جا لاهوري، جيڪي انهن سونهن ڀرين ڏينهن کي ياد ڪن ٿا جڏهن عالمي شهرت يافته شخصيتون حويلين ۾ اينديون هيون ۽ لکين ماڻهو رات جي ميلن لاءِ ڇتين تي گڏ ٿيندا هئا، اهي پنهنجون يادون ٻيهر جيئريون ڪري سگهندا.
6 کان 8 فيبروري تائين جي ٽن ڏينهن جي هن ميلي جي بحالي سان سخت شرط لاڳو ڪيا ويا آهن: ڪيو آر ڪوڊ وارا پتنگ، ڳرا ڏنڊ، ۽ وسيع حفاظتي انتظام. ڇتين جي ڪرائي جا اگهه آسمان سان ڳالهيون پيا ڪن، هوٽلون مڪمل بڪ ٿي چڪيون آهن، ۽ اندرون شهر ۾ چؤطرف گهماگهمي آهي.
تنهن هوندي به، جڏهن لاهور جشن ملهائي رهيو آهي، پنجاب جا ٻيا علائقا هن خوشي کان ٻاهر آهن. ٻين شهرن ۾ غيرقانوني پتنگ سازي ۽ پتنگ اڏائڻ تي پابندي جاري آهي، جنهن سان اڻ وڻندڙ سوال اڀرن ٿا: بسنت کان پوءِ ڇا ٿيندو، ۽ هزارين بچيل پتنگ آخر ڪيڏانهن ويندا؟
اهو نسل جيڪو پتنگ اڏائڻ وساري ويٺو
لاهور ۾ هڪ اهڙو نسل وڌيو آهي جنهن ڪڏهن به بسنت جو آسمان نه ڏٺو آهي ــ رنگين پتنگن سان ڀريل آسمان ۽ خوشي سان گونجندڙ “بو ڪاٽا” جا نعرا.
18 کان 25 سالن جي عمر وارن ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ بسنت رڳو ٻُڌل يادگيرين تائين محدود آهي. پر هاڻي جڏهن پنجاب حڪومت لاهور ۾ ٽن ڏينهن لاءِ انتهائي ضابطن سان بسنت ملهائڻ جي اجازت ڏني آهي، ته جنريشن زي (Gen Z) کي شايد پهريون ڀيرو انهن ورثي ۾ مليل يادگيرين کي حقيقي تجربو بڻائڻ جو موقعو ملي.
26 ورهين جي توها زاهد لاءِ بسنت هميشه “اهڙي شيءِ رهي آهي، جيڪا جيئري گهٽ ۽ ڳالهين ۾ وڌيڪ رهي ــ ذاتي تجربي بدران وڊيوز ۽ يادگيرين ۾ ڄميل هڪ ميلو.”
25 ورهين جي آيتِ نور چوي ٿي: “هي منهنجي زندگي جي پهرين بسنت هوندي. لفظن يا اسڪرين بدران پنهنجي اکين سان ڏسڻ لاءِ ــ اهو ئي هن کي تمام خاص بڻائي ٿو.”
ڪيترن جو خيال آهي ته بسنت لاهور کان جدا نٿي ٿي سگهي. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ وڏو ٿيل ابو بڪر مسعود هن ميلي کي “لاهور جي واحد اصلي پيداوار” سڏيندو آهي.
ڊان سان ڳالهائيندي هو ياد ڪري ٿو ته ڪيئن صبح 9 وڳي کان پوءِ ڇتيون ڀرجي وينديون هيون، پاڙن ۾ لائوڊ اسپيڪرن تان موسيقي گونجندي هئي، ۽ هر ڪاميابي تي “بو ڪاٽا” جا نعرا لڳندا هئا. هاڻي جيڪو پنهنجي چاليهن ۽ پنجاهن ورهين ۾ آهن، انهن لاءِ بسنت رڳو ياد ناهي.
47 ورهين جو حسن اعجاز وائين محبت سان ياد ڪري ٿو: “5 ورهين کان 22 ورهين تائين مان لڳ ڀڳ هر ٻئي ڏينهن پتنگ اڏائيندو هوس، صرف بسنت تي نه.”
هو کلندي ٻڌائي ٿو ته سندس سڀ کان وڏو مالي سهارو سندس ناني هوندي هئي، ۽ ٻار بسنت کان اڳ ڪيترا ڏينهن اڳواٽ تياري ڪندا هئا، “50 کان 60 سٺي معيار جا پتنگ گڏ ڪندا هئاسين.”
پر پوءِ، هو چوي ٿو، خراب رواجن خوشي تي پردو وڌو. “ڪيميائي ڏور استعمال ٿيڻ لڳي، جيڪا ٽٽندي نه هئي، ۽ ماڻهن کي زخمي ڪرڻ لڳي ــ انهيءَ ڪري بسنت بند ٿي وئي.”
لاهور جي مزنگ علائقي ۾ بسنت وڏي گهراڻي ۽ کاڌي سان گڏ ملهائي ويندي هئي.
38 ورهين جو مجيد لاشاري بسنت کان اڳ واري رات، جيڪا ‘يومِ تنا’ سڏبي هئي، ياد ڪري ٿو: “سڄو گهراڻو گڏ ٿيندو هو، سڀ ڪزن. واقعي وڏو ميلو مچندو هو.” هو کاڌي بابت به ٻڌائي ٿو: “سموسا، جليبي، ڏهي ڪڙي، چڪن هنڊيون، ۽ صدي پراڻي نانوا تاج دين جا نان.”
سالي جي حويلي، جتي دنيا آئي
يوسف صلاح الدين، علامه اقبال جو ڏوهٽو ۽ حويلي بارود خانه جو مالڪ، لاهور جي تاريخ جون سڀ کان شاندار بسنت تقريبن جي ميزباني ڪري چڪو آهي. هيءَ حويلي تاريخي اهميت رکي ٿي، جتي پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪن جون اهم شخصيتون گڏ ٿينديون رهيون.
صلاح الدين ٻڌائي ٿو ته عروج وارن سالن ۾ ڪيترائي واپاري، سياستدان ۽ سرڪاري آفيسر بسنت ملهائڻ لاءِ بارود خانه حويلي ايندا هئا. “سٽي بئنڪ ورلڊ جو چيئرمين جان ريڊ به بسنت دوران هتي آيو. بسنت کانسواءِ نصيرالدين شاهه، عامر خان، ونود کنه، ريکا ۽ ٻيا ڪيترائي فلم اسٽار به هتي آيا.” هو فخر سان چوي ٿو ته بسنت ذريعي هن لاهور جي اندرون شهر کي دنيا سان متعارف ڪرايو.
هو افسوس سان چوي ٿو ته جيڪڏهن 25 سال اڳ هن ميلي کي تجارتي طور ترقي ڏني وڃي ها ته اهو ڪيترن ملين ڊالرن جو ايونٽ بڻجي چڪو هجي ها، جنهن مان ڪيٽررز کان وٺي چوڙين، گلن، پان وڪڻندڙن، ايونٽ مينيجمينٽ ڪمپنين ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر تائين سڀ فائدو وٺن ها. هو چوي ٿو ته هن عظيم ميلي کي ٻيهر زنده ڪرڻ ۾ گهڻو وقت ضايع ٿي ويو، جڏهن ته اهو لاهور جي سڃاڻپ هو.
ڪامران لاشاري، والڊ سٽي آف لاهور اٿارٽي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل، بسنت جي انوکي فضا کي ياد ڪري ٿو. “لاهور بسنت جو مرڪز آهي. هتي پراڻين عمارتن ۽ ڇتين سبب بسنت جو ماحول ٻين شهرن کان مختلف آهي.”
هو چوي ٿو ته بسنت واري رات جو پنهنجو ئي جادو هوندو هو، جڏهن لڳ ڀڳ ڏهه لک ماڻهو ڇتين تي نڪرندا هئا. “جڏهن مون هڪ پرڏيهي کي ٻڌايو ته رات واري بسنت تي ڏهه لک ماڻهو ڇتين تي هوندا آهن، ته هو حيران ٿي ويو.” لاشاري چوي ٿو ته هي انگ وڌاءُ نه، شايد گهٽ هجي.
سخت شرطن سان ميلو
بسنت جي بحالي آساني سان نه ٿي، ۽ پنجاب حڪومت سخت قانون لاڳو ڪيا آهن ته جيئن ميلو بنا ڪنهن حادثي جي گذري. پنجاب ريگيوليشن آف ڪائيٽ فلائنگ ايڪٽ 2025 لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت غيرقانوني پتنگ اڏائڻ، ٺاهڻ، وڪرو ڪرڻ يا کڻي هلڻ تي سخت سزائون آهن. اجازت کانسواءِ پتنگ اڏائڻ تي 3 کان 5 سال قيد يا 20 لک رپيا ڏنڊ يا ٻئي گڏ به لڳي سگهن ٿا.
منع ٿيل ڏور ٺاهڻ يا وڪڻڻ تي 5 کان 7 سال قيد يا 50 لک رپيا ڏنڊ مقرر آهي. ٻارن جي صورت ۾ جووينائل جسٽس سسٽم ايڪٽ 2018 تحت ڪارروائي ٿيندي. نون قاعدن موجب، ڏور ڪپهه جي هوندي، وڌ ۾ وڌ 9 ڌاڳا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 28 ڪائونٽ هجڻ لازمي آهي، ۽ چرخي تي ڏور منع آهي.
پتنگ، ٺاهيندڙن ۽ وڪڻندڙن کي ڪيو آر ڪوڊ جاري ڪيا ويا آهن، جيڪي پتنگ ۽ ڏور تي لڳائڻ لازمي آهن. بسنت دوران پوليس، ضلعي انتظاميا، ٽريفڪ پوليس، پنجاب سيف سٽي اٿارٽي ۽ ڊرونز ذريعي نگراني ڪئي ويندي.
جشن جو واپار
ٻه ڏهاڪا پوءِ بسنت جي واپسي سان گڏ هڪ مڪمل معاشي نظام ٻيهر زنده ٿي ويو آهي. پتنگن جون منڊيون رونق سان ڀرجي ويون آهن، اگهه ٻيڻا ٿي ويا آهن، ۽ اندرون شهر جون ڇتيون سون جي قيمت تي ڪرائي تي ڏنيون پيون وڃن. ڪجهه هنڌن تي ٽن ڏينهن لاءِ ڇتين جو ڪرايو 50 هزار کان لکين رپين تائين وڃي ٿو.
کاڌو، خاص بسنت ڪپڙا، سائونڊ سسٽم ــ سڀ ڪجهه جشن جو حصو بڻجي ويو آهي. اوورسيز پاڪستاني به اچڻ جي تياري ۾ آهن. هوٽلون مڪمل بڪ آهن، خاص بسنت پيڪيجز پيش ڪيا پيا وڃن، ۽ ڪنسرٽس جو به اهتمام ڪيو ويو آهي.
حفاظت کي يقيني بڻائڻ
حڪومت اعلان ڪيو آهي ته بسنت دوران بسن ۽ رڪشن ۾ مفت سفر هوندو ته جيئن موٽر سائيڪلن جو استعمال گهٽجي. موٽر سائيڪل سوارن لاءِ حفاظتي لوهي ڏنڊي لڳائڻ لازمي ڪيو ويو آهي، ۽ ان جي بنا هلڻ تي ڏنڊ لاڳو ٿيندو. لاهور کي ريڊ، ييلو ۽ گرين زونز ۾ ورهايو ويو آهي، جتي ريڊ زون ۾ بغير حفاظتي انتظامن جي داخل ٿيڻ تي پابندي هوندي.
لاهور جشن ملهائي ٿو، راولپنڊي انتظار ۾
جڏهن لاهور بسنت لاءِ تيار آهي، راولپنڊي ۾ پابندي برقرار آهي.
ضلعي انتظاميا چوي ٿي ته بسنت تي مڪمل پابندي آهي ۽ سختي سان لاڳو ڪئي ويندي. راولپنڊي جا رهواسي ان کي ناانصافي قرار ڏين ٿا، چون ٿا ته بسنت صحتمند سرگرمي آهي، ۽ خطرناڪ ڏور تي پابندي هئڻ گهرجي، پر ميلي تي نه. پابندي باوجود، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ اڃا به لڪ ڇپ ۾ پتنگ اڏايا پيا وڃن. گذريل دور ۾، نيا محلا، سبزي منڊي ۽ ٻين علائقن جا مشهور استاد ۽ پتنگباز بسنت جي راتين جا سُونهان هوندا هئا. (هي خصوصي اسٽوري ڊان اخبار ۾ شايع ٿي جيڪا سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيس ڪريون ٿا. ادارو)
ڊيزل مھانگو،پيٽرول جي قيمت برقرار
ڪيترن ئي مهينن تائين سولر جهاز اڏامندو رهندو، اهم اڳڀرائي
پابندين باوجود ايراني ڳجهو فوجي نيٽ ورڪ ڪيئن فعال آهي؟
غلط پاليسين سبب ملڪ ۾ دھشتگردي ۽ انتھا پسندي وڌي آھي
ڊگري هولڊرن لاءِ انٽرن شپ پروگرام نومبر کان شروع ڪرڻ جو اعلان
مولانا فضل الرحمان هاڻ اوهان کي رياست ۾ نوڪري نه ملندي: محسن نقوي
ايندڙ ڪجهه هفتا انتهائي اهم، اي پي سي پائپ لائن ۾ آهي: ڪامران
رياست بابت ڏنل بيان قبولڻ جوڳا ناهن: راڻا ثناءُ الله
لاڙڪاڻي ۾ زرعي زمين جي تڪرار تان پٽ هٿان ماءُ قتل
لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽس جي ماسٽر پلانز جي تحت واڌ جي منظوري
اوهان فرعون کان وڌيڪ طاقتور ناهيو، ان کي به شڪست ملي
پاڪستان ڏکين حالتن کي منهن ڏي پيو، گهرو وزير اچي بريفنگ ڏئي
ٿرپارڪرحادثو، فوتين جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان
رستم ۾ هٿياربندن جي فائرنگ،اهلڪار شهيد
فيلڊ مارشل امن جي ثالثي لاءِ تهران ويو،ڪو به دفاعي معاهدو نه هو
ايمان ۽ هادي کي 10،10 سال قيد جي سزا
بلوچستان ۾ آپريشن، هڪ دهشتگرد مارجي ويو
سپريم ڪورٽ بار چونڊون، احسن ڀون گروپ جو امجد شاهه ڪامياب
اسرائيلي چونڊون، نيتن ياهو اتحاد سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام
ڏانو ڌانڌل ۾ ايمبولينس ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب 9 فوت 3 زخمي










