اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هلندڙ مالي سال جي ابتدائي ٻن مهينن ۾ 850 ارب روپيا ٽيڪس وصول ٿي آهي ۽ اسين ٽارگيٽ کان 23 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪئي آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن ٻڌايو آهي ته هنن ٻن مهينن ۾ گذريل سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 51 سيڪڙو وڌيڪ وصولي ٿي آهي.
سندس خيال آهي ته ان شرح سان ٽيڪس جي وصولي بعد هلندڙ سال جو مجموعي ٽيڪس وصولي جو ٽارگيٽ جيڪو 5829 ارب آهي، آساني سان حاصل ڪيو ويندو.










