ٽنڊومستي(ن سنڌيار)اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن سڳن ڀائرن جي قتل جي صدمي ۾ سندس ماساتُ فوت ٿي ويو. گذريل ڏينهن ڳوٺ لانگاهه ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿي ويل ٻن سڳن ڀائرن جي موت جي خبر پوڻ تي سندن نوجوان ماسات صادق علي لانگاهه به صدمي ۾ فوت ٿي ويو. صادق علي مقتول محمد حسن سان ڪراچي ۾ ڪيترن سالن کان سيڪيورٽي گارڊ جي نوڪري گڏ ڪندو هو.










