ٺٽو (عبدالوحيد سومرو) ٺٽي لڳ 80 سالن کان قائم قديم ڳوٺ عارب سولنگي تي ضلعي جي سمورن ٿاڻن جي وڏن پوليس اٽالن شاول ۽ هيوي مشينري سان چڙهائي ڪري سڄي ڳوٺ جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ متاثر ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ سخت گرمي ۾ بي يارو مددگار بڻيل آهن ۽ چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻجي ويا آهن.تفصيل موجب، 2 ڏينهن اڳ ڳوٺ عارب سولنگي جي سوا ايڪڙ ايراضيءَ ۾ ايندڙ ڪجهه گهرن کي قبضو ڄاڻائي عدالتي حڪم تي پهتل پوليس ۽ روينيو انتظاميه سان ڳوٺاڻن جي ڇڪتاڻ ٿي هئي. ان دوران روڊ کولرائڻ تي ٿيل جهڙپ ۾ ايس ايڇ او ٺٽو مظهر ڪنگو سميت 3 اهلڪار ۽ 2 ڳوٺاڻا زخمي ٿيا هئا، جنهن کانپوءِ 100 کان مٿي ڳوٺاڻن ۽ عورتن خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ پوليس تي حملي جو ڪيس ٺٽي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.ان ڪارروائي جي تسلسل ۾ اڄ صبح سوير اي ايس پي ٺٽو عبدالله افضل جي اڳواڻي ۾ 2 سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن هيوي مشينري سميت ڳوٺ تي اوچتو چڙهائي ڪري ڏني. پوليس پاران هوائي فائرنگ ڪري خوف و حراس ڦهلائڻ کانپوءِ تڪراري ماپ واري زمين کان علاوه باقي پوري قديم ڳوٺ کي به شاول مشينن جي مدد سان ڊاهي مسمار ڪيو ويو. پوليس انتظاميه تازو سنڌ حڪومت جي پيپلز هائوسنگ اسڪيم تحت تعمير ٿيل گهرن کي به نه بخشيو، جڏهن ته ڳوٺ ۾ سينيئر صحافي ۽ علم دوست شخصيت حاجن سولنگي پاران قائم ڪيل لائبريري کي به ڊاهي قيمتي ڪتابن کي مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.پوليس جي سخت خوف ۽ حراس سبب مرد ڳوٺ خالي ڪري ويا، جڏهن ته عورتن صحافين آڏو دانهون ڪندي چيو ته پوليس اهلڪار سندن گهرن مان گهريلو سامان، سونا زيور، روڪ رقم، پکا ۽ ايستائين جو ڪڪڙيون ۽ چوپايو مال به پاڻ سان گڏ ڪاهي ويا آهن. متاثر ڳوٺاڻن ۽ عورتن روئيندي چيو ته اسان پورهيو ڪري پائي پائي گڏ ڪري پنهنجا اجهام ٺاهيا هئا، پر پوليس قهري ڪارروائي ڪري اسان جي معصوم ٻارن کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي. تڪراري پلاٽ بدران سرڪاري ايراضي ۽ ڀڏي تي قائم قديم گهرن کي ڊاهي وڏو ناحق ڪيو ويو آهي، اعليٰ اختيارين کي گهرجي ته فوري نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪن.










