لنڊن(ويب ڊيسڪ)جيڪڏھن توھان کي يوٽيوبر شارٽس پسند آھي، ھاڻي وڏي ھٽ لاءِ تيار ٿي وڃو. عام وڊيوز کانپوءِ گوگل هاڻي يوٽيوب شارٽس ۾ به اشتهار ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب هن وقت يوٽيوب شارٽس تي اشتهارن جي آزمائش ڪئي پئي وڃي ۽ ان ۾ شروعاتي ايپ انسٽال ۽ ٻيا اهڙا اشتهار ڏنا ويندا. “هي شروعاتي ڏينهن آهن، ۽ اسان اشتهارن جي ڪمپنين جي شروعاتي موٽ کان خوش آهيون،” فلپ شنڊلر، گوگل جي چيف بزنس آفيسر چيو. ياد رهي ته يوٽيوب شارٽس گوگل پاران سيپٽمبر 2020 ۾ ٽڪ ٽاڪ مقابلي لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو.










