يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ 5 روپيا ڪلو مهانگي ڪرڻ جو فيصلو

يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ 5 روپيا ڪلو مهانگي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کنڊ جي اگهه ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم پيڪيج تحت کنڊ جي قيمت ۾ 5 رپيا في ڪلو واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ان فيصلي تي عمل کانپوءِ يوٽيلٽي اسٽورن تي غير سبسڊي واري کنڊ جي قيمت ۾ به 5 رپيا في ڪلو واڌ ٿي ويندي.يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ جي اگهن ۾ واڌ اڄ کان لاڳو ٿيندي.وزيراعظم پيڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ جو في ڪلو اگهه 114 رپيا هوندو.عام صارفين لاءِ يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ 160 رپيا في ڪلو ٿي ويندي.يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعن موجب کنڊ جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو ٽرانسپورٽيشن چارجز ۾ واڌ سبب ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ جو وڪرو گذريل ڪيترن ئي هفتن کان بند آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو