اسلام آباد (بيورو رپورٽ)گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومت ٻيڙي سانحي ۾ مارجي ويلن جي خاندانن جي مڪمل مدد ڪندي.هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته يونان ۾ ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيڻ وڏو سانحو آهي، ملڪ جو عوام پرڏيهه ۾ موجود پنهنجن ڀائرن جي لاڏاڻي تي ماتم ڪري رهيو آهي.هن چيو ته ان سانحي تي اڄ سڄي پاڪستان ۾ قومي سوڳ ملهايو پيو وڃي، انساني اسمگلنگ روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن.راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) وحشي انساني اسمگلرن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، ان حوالي سان لاهور ۽ ڪراچي ۾ به گرفتاريون ڪيون ويون آهن.وفاقي وزير چيو ته سانحي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو، وزيراعظم جي هدايت تي جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي ذميوارن جي نشاندهي ۽ انساني اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ سفارشون پيش ڪندي.هن اهو پڻ چيو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي، هو فوت ٿيلن جي وارثن سان همدردي ۽ ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.










