اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي محرم الحرام خاص ڪري يومِ عاشور تي اثرائتن قدمن تي سيڪيورٽي ادارن جي تعريف ڪئي آهي. سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فرض شناسيءَ ۾ غير معمولي پيشيورانه مهارت، غير متزلزل عزم ۽ غير معمولي بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته هر ان آفيسر ۽ اهلڪار کي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن لڳن، لچڪ ۽ فرض جي غير متزلزل احساس سان خدمتون سرانجام ڏنيون. محسن نقوي چيو ته قوم کي توهان تي فخر آهي، توهان جي غير معمولي خدمت لاءِ توهان جي مهرباني.










