هالا (ن سنڌيار) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته يتيم ٻارڙن جي ڪفالت ڪرڻ تمام وڏو ڪم آهي، جماعت اسلامي جي فلاحي اداري الخدمت فائونڊيشن پاران قائم آغوش سينٽر يتيم ٻارڙن لاءِ بهترين ۽ مثالي منصوبو آهي، موجوده حڪومتي پاليسين جي ڪري عام ماڻهو مشڪل جو شڪار مهانگائي زندگي مشڪل بڻائي ڇڏي آهي اهڙي ماحول ۾ سنڌ اندر “ آغوش” سينٽر هالا بهترين ڪاوش آهي جنهن تي سنڌ جي سرندي وارن جو شڪريو ادا ڪريون ٿا.اهڙن خيالن جو اظهار هن الخدمت فائونڊيشن سنڌ پاران يتيم ڪفالت پروگرام تحت 200 يتيم ٻارن جي رهائشي اداري “ آغوش” هالا جو افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جو مرڪزي صدر عبدالشڪور، جماعت اسلامي پاڪستان جو مرڪزي نائب امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي، صوبائي امير محمد حسين محنتي، صدر الخدمت سنڌ ڊاڪٽر تبسم جعفري، معروف صنتعڪار ابوبڪر فاروقي، صدرپاڪستان بزنس فورم شڪيل هاشمي، هالا جي سول سوسائٽي، صحافين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپو رکندڙ معززين وڏي انگ ۾ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي مرڪزي صدر عبدالشڪور چيو ته الخدمت فائونڊيشن پاران هن وقت سڄي ملڪ ۾ 18 آغوش سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ معصوم يتيم ٻارڙن کي جديد تعليم تربيت، صحت ۽ معياري رهائش فراهم ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي صدر الخدمت فائونڊيشن سنڌ ڊاڪٽرتبسم جعفري چيو ته آغوش هالا يتيم ٻارن لاءِ هڪ مثالي ادارو ثابت ٿيندو، آغوش هالا ٻن ايڪڙن تي مشتمل حيدرآباد کان 50 ڪلوميٽر پنڌ تي ڀٽ شاه کان چند منٽن جي فاصلي تي قائم آهي جنهن ۾ ٻارن جو ميرٽ تي داخلا انٽرويو ۽ ٽيسٽ کان پوءِ ڪيو ويندو آهي. ان موقعي تي آيل معزز مهمانن کي شيلڊ ۽ اجرڪون به ڏنيون ويون ۽ آغوش سينٽر جو دورو ڪرايو ويو، مهمانن يتيم ٻارن کي فراهم ڪيل سهولتن تي خوشي جو اظهار ڪندي الخدمت پاران هن عظيم ڪاوش کي واکاڻ ڪئي.










