وڏيري جي چرچ تي کنڀيل نوجوان جي وارثن جو مظاهرو

وڏيري جي چرچ تي کنڀيل نوجوان جي وارثن جو مظاهرو

سيٺارجا (ن س) سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيرل گھانگھرو مان مبينه طور 8 ڏينھن اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان محمد پيارو کي سي آئي اي پوليس خيرپور 7 ڏينھن بعد 4 بوتلون شراب رکڻ جي الزام ھيٺ گرفتاري ڄاڻائي چالان ڪري ڇڏيو آھي ۔ اھڙي عمل خلاف نوجوان جي وارثن عورتن ۽ مردن مسمات ڄامل، رخسانه، شمل خاتون، ملوڪان، نائب حسين،اڪرم۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھروڪيوويو. ھنن الزام مڙھيو ته پوليس بيگناهه بااثر يار محمد گهانگهرو جي چرچ تي اسان خلاف رڻ ٻاري ڇڏيو آھي ۽ ڪوڙا ڪيس ڪرائڻ سميت حملا ڪندا رھن ٿا ۽ اسان جي نوجوان کي پڻ انھي سازش تحت ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آھي جيڪو عمل سراسر ظلم آھي ھنن آءجي سنڌ کي اپيل ڪئي ته اھڙي عمل جي جاچ ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو