وڏيرن زمينون بچائڻ لاءِ سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو: سنڌياڻي تحريڪ

وڏيرن زمينون بچائڻ لاءِ سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو: سنڌياڻي تحريڪ

حيدرآباد (ن س) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاھري، مرڪزي سينيئر نائب صدر عمراھ سمون، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ماھ نور ملاح، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري سنڌو ملاح، ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي صدر ساجدھ پرھياڙ، ڪائنات ڏاھري ۽ سورٺ مڱڻھار جي حيدر آباد پريس ڪلب ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ اسان توھان وٽ شاھوڪار سنڌ جي وڏيراشاھي، جاگيردار ۽ سردار حڪمرانن طرفان اڳ ۾ ئي تباھ ۽ برباد ڪيل، ڦريل لٽيل ،تازين ٻوڏن وسيلي ٻوڙايل انھن ڪروڙين غريب ماڻھن، ھارين، مزدورن، عورتن ۽ ٻارڙن جي درد ڀري فرياد کڻي آيا آھيون، جيڪي بيان نھ ڪري سگھڻ جھڙن مسئلن جو شڪار آھن. وڏيرن جون زمينون بچائڻ لاءِ جھڏي ۽ ٻين شھرن ۽ ڳوٺن کي ھٿ وٺي ٻوڙايو ويو. منڇر جو پاڻي درياءَ ۾ وقت سر ڇوڙ ڪرڻ بدران پاڻي کي روڪي پوءِ ايم اين وي ڊرين، سم نالن، شاخن، واھن ۽ بندن کي گھارا ھڻائي ڪي اين شاھ، سميت ميھڙ، دادو ۽ جوھي جا سوين ڳوٺ ٻوڙائي لکين ماڻھن کي دربدر ڪيو ويو. دادو، قمبر شھدادڪوٽ ۽ ٻين ضلعن کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ کانپوءِ منڇر کي غيرضروري ۽ اڻ وقتائتو ڪٽ ڏئي ڀان سعيد آباد سميت ڄامشوري ضلعي جا سوين ڳوٺ ۽ شھر ٻوڙائي سنڌ جي بچيل علائقن جي ماڻھن کي بھ دربدر ڪيو ويو. سنڌ جي سوين ڳوٺن کي ھٿ وٺي ٻوڙائي لکين ماڻھن کي دربدر ڪرڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار ماڻھن ريسڪيو ڪرڻ لاءِ ڪي بھ اپاءَ نھ ورتا پر ريسڪيو جي نالي ۾ اربين روپيا ھڙپ ڪيا ويا آھن. ريسڪيو واري مرحلي ۾ اين ڊي ايم اي وارا ڳولھيا نھ پئي لڀيا. نيوي وارا بھ 14 ماڻھن جي گنجائش واري ٻيڙي ۾ 12 ڄڻا نيوي جا اھلڪار پاڻ ۽ ٻن ماڻھن کي ريسڪيو ڪرڻ جي نالي ۾ لکين روپين جو پيٽرول ضايع ڪندا رھيا. ھيليڪاپٽرن تي امداد جي نالي ۾ سوين ماڻھن اڳيان ٻھ ڪٽا اڇلائي، ھيليڪاپٽر جو لکين روپين جو پيٽرول ساڙي ٻن ڪٽن تي سوين ماڻھن جي تذليل ڪندي پاڻ ۾ ويڙھائي ذليل ۽ خوار ڪندڙ قوتون عوام آڏو وائکيون ٿي چڪيون آھن. جن کي سوشل ميڊيا تي شئر ٿيندڙ وڊيوز توڙي انٽرنيشنل ميڊيا تي ھلندڙ رپورٽن ۾ ڏسي سگھجي ٿو. غير جمھوري حڪمرانن ۽ ملڪ جي ڪرتا ڌرتائن رليف جي نالي ۾ عوام جي صرف ۽ صرف تذليل ڪئي آھي. ٻوڏ کي لڳ ڀڳ مھينون ٿيڻ تي آھي، پر ٻوڏ جي پاڻي ۾ اڃا بھ لکين ماڻھو ڦاٿل آھن جيڪي بک ۽ موتمار وبائي بيمارين ۾ تڙپي تڙپي مري رھيا آھن. جيڪي ماڻھو پنھنجو الھھ تلھھ ڇڏي ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٻين شھرن ۾ پھتا تن لاءِ بھ سنڌ سرڪار ڪي بھ اپاءَ نھ ورتا. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ھزارين سرڪاري فليٽ خالي پيا آھن، پر سنڌ سرڪار ڌرتي ڌڻين کي ٻوڏ جا ٻھ چار مھينا انھن خالي پيل سرڪاري فليٽين ۽ سرڪاري ڪوارٽرن ۾ رھائڻ بدران کين روڊن ۽ رستن تي کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آھي. جيڪي ماڻھو پنهنجي معصوم ٻچين سميت کليل آسمان ھيٺ سرڪاري زمينن تي ويٺل آهن تن کي ٽينٽ ۽ کاڌ خوراڪ پھچائڻ بدران مٿن قبضو ڪرڻ جون ايف آءِ آرون ڪاٽي سنڌ سرڪار پوري دنيا کي اھو پيغام ڏنو آھي تھ سنڌ ۾ بھ ھاڻي اسرائيلي سلطنت قائم ٿي چڪي آھي، سنڌي ماڻھو ھاڻي فلسطينين جيان پنھنجي ڌرتي تي بھ ننڍڻڪا، بي يارو مددگار غير بڻايا ويا آھن. ٻوڏ متاثرن تي قبضن جي ايف آءِ آر ڪٽرائيندڙ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، بحريا ٽائون کي غيرقانوني طور زمينون الاٽ ڪيون، جيڪي سپريم ڪورٽ 12 مئي 2018ع واري فيصلي ۾ غيرقانوني قرار ڏنيون ھيون. ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي دراصل سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاھڻ واري اٿارٽي آھي، جنھن کي سنڌ پوليس ۽ بحريا ٽائون جي ھٿياربندن جي صورت ۾ اسرائيلي فوج ڏني وئي آھي. سنڌ جا لکين ڌرتي ڌڻي توھان کي ھن وقت روڊن ۽ رستن تي کليل آسمان ھيٺ تتل ڌرتي توڙي گجندڙ برسات ۾ وبائي بيمارين ۽ بک وگھي تڙپي تڙپي مرندي نظر ايندا. اسان سنڌياڻي تحريڪ، عوامي تحريڪ ۽ رسول بخش پليجو فائونڊيشن طرفان پنهنجي وس آهر ڪئمپن ۽ گهرن ۾ رھيل متاثرن وٽ ميڊيڪل ڪئمپن جي حوالي سان مسلسل وڃي رهيا آهيون، ڪجھھ ڏينھن اڳ اسان ڪوٽڙي جي گونگن ۽ ٻوڙن واري اسڪول ۾ قائم ٻوڏ متاثرن جي ڪيمپ تي وياسين جتي ماڻھن ٻڌايو تھ ھتي سرڪار طرفان اسان کي ڪجھھ بھ نٿو ملي. اسين گٽرن وارو بدبودار پاڻي پيئڻ تي مجبور آھيون. سيلاني وارا کائڻ لاءِ صبح شام ڀت ڏيندا آھن، روزانو غير معياري ڀت کائڻ ۽ گٽرن وارو پاڻي پيئڻ سبب ھتي موجود سمورا ماڻھو بيمار ٿي پيا آھن، وبائي بيماريون بھ پکيڙجي ويون آھن، ڊاڪٽر بھ موجود ناھن، دوائن جي بھ شديد کوٽ آھي جنھن سبب ھن ڪيمپ مان روزانو ھڪ کان ٻن لاشن جو نڪرڻ معمول بڻجي ويو آھي. ھنن چيو تھ جيڪڏھن اھڙي صورتحال رھي تھ اسين سمورا ماڻھو تڙپي تڙپي مري وينداسين.مٿي ڄاڻايل ھڪ ڪيمپ جي اذيتناڪ صورتحال در اصل سمورين ڪيمپن جي آھي بلڪھ ڪجھھ ھنڌن تي ان کان بھ وڌيڪ اذيتناڪ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ صورتحال آھي.روڊن ۽ رستن تي ويٺل توڙي اسڪولن ۾ قائم ڪيمپن ۾ ماڻھن جي تعداد جي حساب سان واشرومن جي شديد کوٽ آھي. واشرومن جي صفائي بھ ڪو نھ ٿي ٿئي، روڊن تي ويٺل مايون، جوان نياڻيون انتھائي اذيت کي منھن ڏئي رھيون آھن.سنڌياڻي تحريڪ، عوامي تحريڪ پنھنجن اڀرن سڀرن حالن سارو ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪري رھي آھي. رسول بخش پليجو فائونڊيشن طرفان مختلف جڳھين تي ميڊيڪل ڪيمپون لڳائي ٻوڏ متاثرن جو علاج ڪري کين دوائون فراھم ڪيون پيون وڃن. ماڻھن کي راشن ڏئي رھيا آھيون، ماڻھن کي ڪيمپن ۾ رھائڻ ۽ سندن کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ جيڪو دراصل سنڌ سرڪار جو ڪم آھي سو بھ عوامي تحريڪ ۽ سنڌ جي ٻين گھڻ گھرن کي ڪرڻو ٿو پوي. عوامي تحريڪ ۽ سنڌ جا ٻيا گھڻ گھرا جيڪي پنھنجن حالن سارو متاثرن جي واھر ڪري رھيا آھن. اسين سنڌ سرڪار، وفاقي حڪومت ۽ اين ڊي ايم اي وارن کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون تھ توھان ٻين ملڪن مان ملندڙ امداد کي گھڻو دير گدامن ۾ لڪائي نٿا سگھو. سنڌ جا ماڻھو سجاڳ ٿي، توھان خلاف پرامن جمھوري جدوجھد ڪري پنھنجو حق وڙھي وٺندا. اسين مطالبو ٿا ڪريون تھ سنڌ کي ھٿ وٺي ٻوڙيندڙن خلاف سپريم ڪورٽ جي ججن، سنڌ جي گھڻ گھرن ۽ عالمي سطح جي پاڻي، آبپاشي ۽ ماحولياتي ماھرن تي مشتمل ڪميشن جوڙي، ڪروڙين ماڻھن کي دربدر ڪندڙ ملڪ جي غيرجمھوري قوتن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. عالمي ماحولياتي ماھرن طرفان گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪيل وڏين ٻوڏن جي اڳ ڪٿين باوجود ٻوڏن کي منھن ڏيڻ لاءِ گھربل انتظام ڪرڻ بدران ڊيم ٺاھي ننڍين ٻوڏن کي بھ خطرناڪ ۽ خونخوار ٻوڏن ۾ تبديل ڪندڙ ملڪ جي غيرجمھوري قوتن کي گرفتار ڪري، کين سخت سزائون ڏنيون وڃن. ماحوليات کي آلودھ ڪندڙ ملڪن خلاف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ ٻين عالمي فورمن تي احتجاج رڪارڊ ڪرائي، ماحوليات جي آلودگي ڦھلائيندڙ ملڪن کان پاڪستان خصوصن سنڌ کي معاوضو ڏياريو وڃي. گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري پڻ اھو چيو آھي تھ پاڪستان ٻين ملڪن جي ڪيل ڏوھن جي سزا پيو ڀوڳي پر ملڪ جو وزيراعظم عالمي سطح تي پاڪستان جي وڪالت ڪرڻ بدران پنھنجي آفشور ڪمپنيون بچائڻ لاءِ “ٻوڏون ماحولياتي تبديلي جو اثر نھ آھي” جھڙا ڄٽڪا بيان ڏئي ھڪڙي پاسي پوري دنيا کي ملڪ جي پاليسي سازن تي کلايو آھي تھ ھي ڪھڙا ڄٽ ۽ جاھل پاليسي ساز آھن جيڪي پنھنجي وزيراعظم کان ملڪي مفادن خلاف بيان ڏياري رھيا آھن تھ ٻي طرف پاڪستان کي ناقبل تلافي نقصان پھچائي ملڪ جي عوام سان غداري ڪئي وئي آھي.ايف بي بند، ايم اين وي ڊرين، سپريو بند ۽ پراڻ سميت سمورن بندن، سم نالن ۽ واھن کي لڳل گھارا جلد کان جلد بند ڪرائي، شھرن ۾ بيٺل پاڻي کي پڻ فورن نيڪال ڪيو وڃي. ھاڪڙو درياءَ، پراڻ سميت پاڻي جي قدرتي لنگھن تي قبضا ڪيل زمينن جي الاٽمينٽ کي رد ڪري پاڻي جو قدرتي وھڪرو بحال ڪيو وڃي. ھٿرادو ٻوڏ آڻي، ڪالا باغ ڊيم ٺاھي سنڌ کي نيست و نابود ڪرڻ جي سازش سٽيندڙ غيرجمھوري قوتن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻوڏ متاثرن جي پئسن مان ڪرپشن ڪري کين ريسڪيو ۽ رليف نھ ڏيندڙ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڪمشنرن تي ڪرپشن جا ڪيس داخل ڪيا وڃن. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ بي يارو مددگار ويٺل ٻوڏ متاثرن کي ڪيمپون قائم ڪري ڏنيون وڃن ۽ جن ماڻھن پاڻمرادو ڪيمپون قائم ڪيون آھن، تن تي قبضن جا ڪيس ڪرڻ بدران سندن ڪيمپون سرڪاري طور ڊڪليئر ڪري، کين کاڌ خوراڪ، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، مڇردانيون، ھنڌ بسترا، دوائون، واشرومن جو بندوبست ڪري ڏيڻ سان گڏ کين روڪ رقم پڻ ڏني وڃي. ھر ڪيمپ تي ۽ روڊن رستن تي ويٺل ماڻھن جي طبي امداد لاءِ موبائيل اسپتالون قائم ڪيون وڃن ۽ جن جي حالت وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ھجي تن کي وڏين اسپتالن تائين پھچائڻ جو بندوبست بھ سرڪار طرفان ڪيو وڃي. ماڻھن کي وبائي بيمارين کان بچائڻ لاءِ مڇر مار اسپري توڙي ٻيا گھربل قدم کنيا وڃن. جيڪي ماڻھو پنھنجو الھھ تلھھ ڇڏي سر بچائي ٻوڏ جي پاڻي کان ٻاھر پھتا آھن، تن جا سمورا ڪاغذات بھ لڙھي ويا آھن ان ڪري اين آءِ سي، تعليمي سرٽيفڪيٽ، گھرن، ٻنين ۽ نوڪرين جا ضروري ڪاغذات مفت ۾ ٺاھي ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي پابند بڻايو وڃي. سموري سنڌ جي تعليمي ادارن جون فيون معاف ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي فلڊ رليف تحت روڪ رقم، ليپ ٽاپ ۽ گھربل ڪتاب ڏنا وڃن. جيڪي ماڻھو اڃا تائين پاڻي ۾ ڦاٿل آھن تن کي فوري طور تي ريسڪيو ڪيو وڃي ۽ مھذب طريقي سان کاڌ خوراڪ پھچائي وڃي، کين ٽينٽ، مڇردانيون، صحت جون سھولتون ۽ زندگي گذارڻ لاءِ ٻيون ضروري شيون ھنگامي بنيادن تي مھيا ڪيون وڃن.لکين روپين جو ھيليڪاپٽر جو پيٽرول ساڙي سئو ڏيڍ ماڻھن جي وچ ۾ ٻھ ڪٽا راشن جا اڇلائي ماڻھن کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ جي غير انساني ۽ غيراخلاقي راند ڪندڙ غيرجمھوري قوتن ذريعي ٻين ملڪن مان ملندر راشن ورھائڻ بدران سويلين ادارن ذريعي ميڊيا جي موجودگي ۾ راشن ورھائي، راشن حاصل ڪندڙ متاثرن جا نالا ۽ ٻين ملڪن مان ملندڙ راشن جا تفصيل عوام آڏو پڌرا ڪيا وڃن تھ جيئن متاثرن جو راشن برھان چانڊئي، شرجيل ميمڻ، ڄام خان شورو، ملڪ اسد سڪندر ۽ ٻين وزيرن، مشيرن، پ پ جي ڀوتار وڏيرن جي بنگلن بدران مھذب طريقي سان متاثرن تائين پھچي سگھي.اين ڊي ايم اي ٻين ملڪن کان ايندڙ امداد وڏي مقدار ۾ حاصل ڪيو آھي پر متاثرن جي واھر ھن وقت تائين نھ ڪري سگھي آھي ان ڪري اين ڊي ايم اي کي ملندڙ امداد ۽ ان ۾ ڪيل ڪرپشن کي عوام آڏو وائکو ڪرڻ لاءِ اعليٰ عدالتي ڪميشن جوڙي اين ڊي ايم اي جي اعليٰ عملدارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي.ٻوڏ متاثرن توڙي برسات متاثرن جي ھر ھڪ خاندان کي گھر ٺاھڻ لاءِ 50 لک روپيا ڏنا وڃن.ھارين ۽ آبادگارن جي ٻڏي ويل فصلن جي نقصانن جو ڪاٿو لڳائي کين نقصان ڀري ڏنو وڃي.جن مالوندن جو مال متاع لڙھي ويو يا وبائي بيمارين ۾ مري ويو آھي، تن کي چوپائي مال جو معاوضو ادا ڪيو وڃي.جيڪي ماڻھو ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي يا وبائي بيمارين ۾ فوت ٿي ويا آھن تن جي وارثن کي گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڪروڙ رپيه ڏنا وڃن ۽ برساتن ۽ ٻوڏ دوران گھرن جا ڇاپڙ ڪرڻ توڙي ڪرنٽ ۾ زخمي ٿيا آھن تن کي 30 لک رپيه ڏنا وڃي.جن عورتن جو حمل ضايع ٿيو آھي تن کي 5 لک رپيه ڏنا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو