وڊيو ليڪ ڪيس، صندل خٽڪ جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل منتقل

وڊيو ليڪ ڪيس، صندل خٽڪ جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل منتقل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي وڊيو ليڪ ڪيس ۾ عدالت جوابدار صندل خٽڪ کي جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ شبير ڀٽي ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ حريم شاهه جي وڊيو ليڪ ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ صندل خٽڪ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.هوڏانهن ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ صندل خٽڪ کي ريمانڊ لاءِ مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر صندل خٽڪ جي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.عدالت کان صندل خٽڪ جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪندي جاچ آفيسر چيو ته جوابدار عائشه ناز کان جاچ ڪئي پئي وڃي، وڌيڪ تفصيل وٺڻا آهن.ٻڌڻي دوران صندل خٽڪ جي وڪيل جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي.صندل خٽڪ جي وڪيل وڪيل صافي عدالت ۾ ٻڌايو ته صندل خٽڪ جو موبائل فون اڳ ئي جاچ آفيسر جي قبضي ۾ آهي.بعد ۾ عدالت جاچ آفيسر جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي ٽڪ ٽاڪ صندل خٽڪ کي جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو