ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار سينيٽر وقار مهدي، ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي محمد علي زيدي سان گڏ اڄ ڪورنگي ڪراسنگ ۽ شاهه فيصل ڪالوني عيد گاهه گرائونڊ ۾ قائم رمضان بچت بازارن جو دورو ڪيو ۽ سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل روزاني استعمال جي شين جهڙوڪ اٽو، کنڊ، تيل، گيهه، چانور، ميوا، ڀاڄيون، گوشت، کير ۽ پولٽري جا اگهه چيڪ ڪيا ۽ اتي موجود گراهڪن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ عوام سنڌ حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. انهن ٻن بازارن ۾ سرڪاري اگهه تي روزاني جون شيون وافر مقدار ۾ فراهم ڪيون پيون وڃن. هتي ڏهه ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1150 رپيا سستي اگهه تي وڪرو ٿي رهيو آهي پٽاٽا 40 رپيا في ڪلو، بصر 86 رپيا ڪلو، ٽماٽر 60 رپيا في ڪلو، ڪڪڙ جو گوشت 550 رپيا في ڪلو، ڳئون جو گوشت 600 رپيا في ڪلو جڏهن ته کير 180 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وقار مهدي چيو ته مارڪيٽ ايسوسي ايشن ۽ چور بازارن ۾ وڏن سپر اسٽورن جي سهڪار سان عوام کي روزاني جون شيون سستي اگهه تي فراهم ڪيون پيون وڃن. هتي ڪيتريون ئي شيون سرڪاري ريٽ کان گهٽ قيمت تي فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سڄي دنيا ۾ ڏڻن جي موقعي تي سيل لڳائي ويندي آهي جڏهن ته اسان وٽ ناجائز منافعو وٺندڙ اگهه ٻيڻا ڪري ڇڏيندا آهن، ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر اهڙن منافع خورن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهن ۽ انهن تي سخت ڏنڊ پڻ لڳايا پيا وڃن، ان ڪري اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته رمضان المبارڪ جي هن بابرڪت مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ قيمتن تي شين کي ماڻهن تائين پهچايون ۽ ماڻهو ان مان فائدو وٺي سگهن ٿا. هن چيو ته منهنجي عوام کي اپيل آهي ته ماڻهو سرڪاري لسٽ چيڪ ڪري سرڪاري اگهه موجب سامان خريد ڪن ۽ ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ قائم شڪايتي سيل ۾ شڪايت داخل ڪرائي ته جيئن شڪايتن جو ازالو ڪري سگهجي. ۽ منافع خورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ان موقعي تي ضلعي ڪورنگي جي صدر جاويد شيخ، انفارميشن سيڪريٽري جاني ميمڻ، ڪوثر عابدي، ڊاڪٽر طاهر، رحمان باجوا، سليم اعواڻ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا.










