وفاقي ڪابينه جو اجلاس اربع تي طلب،10 نقاطي ايجنڊا تيار

وفاقي ڪابينه جو اجلاس اربع تي طلب،10 نقاطي ايجنڊا تيار

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد شهبازشريف وفاقي ڪابينه جو اجلاس اربع تي طلب ڪري ورتو ڪابينه جو 10 نقاطي ايجندا تيار ڪيو ويو وزيراعظم پنهنجي آمريڪا دوري، ازبڪستان ۽ لنڊن ۾ ٿيندڙ فيصلن بابت ڪابينه کي اعتماد ۾ وٺندو ذريعن مطابق نئين ناڻي واري وزير جي به حلف کان پوءِ وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ شرڪت امڪاني آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجالس ۾ ملڪي سياسي معاشي ۽ ٻوڏ جي صورتحال تي غور ٿيندو سيڙپڪاري بابت معاهدن لاءِ حڪمت عملي منطوري لاءِ پيش ٿيندي اجلاس ۾ عبدالشڪور شيخ کي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر لڳائڻ جي منطوري ايجنڊا ۾ شامل اهي ايجنڊي ۾ ڊرگ ريگيوليٽري آف پاڪستان جي پاليسي بورڊ ۾ 6 ماهرن کي شامل ڪرڻ جي منظوري، پاڪستان جي ٽن اسپتالن لاءِ پئسا افغانستان منتقل ڪرڻ جي منظوري، نيڪا کي وزارت سائنس مان وزارت توانائي منتقل ڪرڻ جي منظوري شامل آهي خالي سيٽن تي سي ايس ايس جي امتحان جي منظوري، قرض مئنجمينٽ آفيس جي رولز جي منظوري، پاڪستان نرسنگ ڪائونسل ترميمي بل 2022 ۾ وڌيڪ ترميمن جي منطوري لاءِ پيش ٿيندي. ايجنڊا نيشنل ڪميشن غير مسلم ايڪت 2022 ڪابينه ۾ پيش ٿيندو امپورٽس ايڪسپورٽس ڪنٽرول ايڪٽ 1950 ۾ وڌيڪ ترميمن جي منطوري ايجنڊا ۾ شامل آهي ٻوڏ متاثرن جي بحالي بابت شين جي خريداري لاءِ 10 ارب رپيا رکڻ جي منطوري ڏني ويندي گوادر پورٽ جي ذريعي ڪڻڪ جي امپورٽ جي منطوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو