سانگھڙ( رپورٽ نادر بڙدي)پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ايم اين اي شازيه مري پاران ڪنڊياري پيرومل روڊ ۽ ٻين اسڪيمن جو جائزي دوران ماڻو خان چانڊيو ۾ مانجھاندي ۾ شرڪت بعد ڪارڪنن کي خطاب پڻ ڪيو. ايم اين اي شازيه مري پيپلز پارٽي جي فنانس سيڪريٽري امير محمد چانڊيو جي دعوت تي ڳوٺ ماڻو خان چانڊيو پھتي جتي ڪارڪن جو وڏو انگ موجود هو هن ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي عوامي جماعت آهي جنهن ھميشه عوام جي خدمت تي يقين رکيو آهي ۽ عوام جي ووٽن سان اقتدار۾آئي آھي تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي مھانگائي بيروزگاري عوام کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو آھي ھن چيو پيپلز پارٽي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ متحد آهي 27 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪن شرڪت ڪندا ھن چيو ته جيستائين نيازي حڪومت رھندي عوام جا مسئلا حل نه ٿيندا ، شازيه مري پيرومل ڪنڊياري روڊ جو هلندڙ تعميراتي ڪم جائزو ورتو ۽ چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت ھميشه عوام جي فلاح لاءِ ڪم ڪيو آهي سنڌ ۾ روڊ رستن کان وٺي مختلف ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن










