وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ 63 ارب رپين جي ڪٽوتي

وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ 63 ارب رپين جي ڪٽوتي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ وڌيڪ 63 ارب رپيا ڪٽوتي ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب، ڪٽوتي کان پوءِ، پي ايس ڊي پي جو سائز گهٽائي 837 ارب رپيا ڪيو ويو آهي، پي ايس ڊي پي ۾ ڪٽوتي ناڻي واري وزارت ڪئي آهي.ان کان اڳ، مارچ ۾، پي ايس ڊي پي ۾ 100 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي هئي. هاڻي تائين، ترقياتي بجيٽ ۾ ڪل 163 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي.مارچ ۾ هي ڪٽوتي پيٽروليم شين جي قيمتن تي سبسڊي ڏيڻ لاءِ ڪئي وئي هئي، موجوده مالي سال لاءِ پي ايس ڊي پي جو سائز 1,000 ارب رپيا آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڻي، تعليم، صحت، ريلوي، هائوسنگ، آئي ٽي ۽ ٽيليڪام ۽ سڀني شعبن جي ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو