وفاق پاران ڪي پي کي سي اين جي لاءِ گيس ڏيڻ کان انڪار

وفاق پاران ڪي پي کي سي اين جي لاءِ گيس ڏيڻ کان انڪار

پشاور(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت خيبر پختونخوا کي سي اين جي اسٽيشنز لاءِ گيس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي۔
ذريعن موجب صوبي جي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن کان پوءِ مزمل اسلم وفاقي حڪومت جي جواب بابت وزيراعليٰ کي آگاهه ڪيو۔
ذريعن موجب مزمل اسلم چيو ته سي اين جي بندش سبب عوام کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔
ذريعن موجب وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ چيو ته ملڪ ۾ گيس جي کوٽ آهي، ۽ ايل اين جي، جي درآمد کان پوءِ اضافي گيس ڏيڻ بابت غور ڪيو ويندو۔

پهنجو تبصرو موڪليو