مٽياري (رياض چانڊيو) وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آهي جنهن ڪري غريب طبقو سخت پريشان آهي، ملڪ جون واڳون اهڙي وزيراعظم جي هٿ ۾ آهن جنهن کي ملڪ هلائڻ ئي نٿو اچي، اميد آهي ته نااهل حڪومت مان جلد ڇوٽڪارو ملندو، تمام جلد وفاق ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هوندي ۽ بلاول ڀٽو وزيراعظم ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان نيوسعيدآباد ويجهو ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا ۾ هڪ اعزازي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. تقريب ۾ ضلع ڪائونسل ميمبر حاجي مصري ڪاڪا، سيد ممتاز شاهه، رئيس محبوب عالم جمالي، حاجي عزيز احمد راهو، پروفيسر منصور علي شاهه، لقمان راجپوت، رئيس شوڪت علي اڄڻ، رئيس اسماعيل، وڏيرو جمال الدين ڪاڪا، لقمان ڪاڪا، عزيز ڪاڪا کان علاوه علائقي جي معزز شخصيتن، پيپلز پارٽي ۽ سروري جماعت جي ڪارڪنن وڏي انگ شرڪت ڪئي. مخدوم محبوب الزمان وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن مان فنڊز پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صوبي جي سڀني ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز جو ڪراچي ۾ اجلاس گهرائي کين ٽيڪس وصولين کي يقيني بنائڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن، روزگار عوام جو حق آهي، پيپلز پارٽي جي منشور تي عمل ڪندي ميرٽ تي نوڪريون ڏينداسين. هن چيو ته مٽياري ضلعو پيپلز پارٽي جو قلعو آهي، پنجن سالن ۾ عوام جون اميدون پوريون ڪنداسين، ضلعي جي ترقيءَ لاءِ هڪ روڊ ميپ تيار ڪيو آهي جنهن هيٺ جلد ترقياتي ڪم شروع ٿيندا. هالا ۾ پيپلز پارٽي جو جنم ٿيو پروپيگنڊا ڪندڙن کي ووٽ ذريعي جواب ڏينداسين منفي پروپيگنڊا ڦهلائيندڙن کي ناڪامي نصيب ٿيندي.










