ڪراچي(ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم شاهين شاهه آفريدي سان شادي نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وسيم اڪرم شاهين شاهه آفريدي ۽ شاهد آفريدي جي ڌيءَ انشا کي لائف پارٽنر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني.وسيم اڪرم جو چوڻ آهي ته شاهين شاهه آفريدي جي شادي نه ڪرڻ جو سبب پيشه ورانه مصروفيتون هو پر منهنجيون دعائون ۽ نيڪ تمنائون جوڙي سان گڏ آهن.پنهنجي پيغام ۾ وسيم اڪرم شاهد آفريدي ۽ شاهين شاهه آفريدي جي والد رياض آفريدي کي به مبارڪباد ڏني.










