سکر (جئيرام داس )وزيرستان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شھيد ٿي ويل سکر واسي فوجي جوان محمد سليم کي فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو شھيد جي والد جي اکين مان خوشي جا لڙڪ وهي پيا ان ڏس ۾ سکر جي نئين ڳوٺ واري قبرستان ۾ وزيرستان ۾ فوجي آپريشن دوران دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شھيد فوجي جوان محمد سليم جو مڙھ گزريل رات وزيرستان کان سکر آندو ويو اڱاري ڏينهن صبح جو شھيد جوان جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪ فوج۔پاڪستان رينجرز۔پوليس عملدارن سميت سکر جي معزز شھرين جو وڏو انگ شريڪ هو شھيد کي فوجي دستي جي سلامي ڏيڻ بعد فوجي اعزاز سان دفنايو ويو ان موقعي تي شھيد جي والد محمد اسلم جو چوڻ ھو سندس پٽ جي شھادت تي خوشي ٿي آھي ملڪ جي حفاظت ڪندي ملڪ مٿان قربان ٿيو آھي جيڪڏهن کيس پنج پٽ به هجن ها ته انهن کي به ملڪ تان قربان ڪري ڇڏيان ها پٽ جي شھادت تي فخر آھي ياد رهي ته نئين پنڊ جو رهواسي فوجي محمد سليم چئن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ ھو.
سنڌيار سکر 21 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 سيپٽمبر 2024ع
پي ٽي آءِ کي مينار پاڪستان بدران ٻئي هنڌ تي جلسي جي اجازت
پارليمنٽ عوام بدران طاقتور جي خدمت ڪري پئي: فضل الرحمان
ججز ڪميٽي مان جسٽس منيب آئوٽ،جسٽس امين اِن،هم خيال جو تاثر وڌڻ لڳو
ڪراچي مان بين الصوبائي منشيات ڊيلر پيءُ ۽ ڌيءُ گرفتار
تمام جلد واٽس ايپ تبديل ٿي ويندو
عدالتي فيصلي تي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن، ڪي پي اسپيڪر
سنڌ جا 19 هزار 808 اسڪول برساتن سبب متاثر ، 7,503 مڪمل تباهه
شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي
وزيرستان ۾ جھڙپ، 12 خوارج مارجي ويا، 6 جوان شهيد
پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سميت 8 ڄڻا شهيد
صدر جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح،فوري لاڳو
آرڊيننس تحت ججز ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي: تارڙ
پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر
پي ٽي آءِ جلسو، ڊي سي جي لاهور پوليس کان رپورٽ طلب
ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي
شهرين جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي: عدالت
اسٽاڪ مارڪيٽ 82 هزار جي تاريخي حد پار ڪري ورتي
آءِ سي سي وفد جي نقوي سان ملاقات،انتظامن تي اعتماد