”سکن جو مدينو“ ڪرتارپور کلي ويو، سکن جون وزيراعظم کي دعائون

”سکن جو مدينو“ ڪرتارپور کلي ويو، سکن جون وزيراعظم کي دعائون

نارووال (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان بابا گرونانڪ جي 550هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڪرتاپور لنگهه جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. ڪرتارپور لنگهه جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان سک برادري کي بابا گرونانڪ جي 550هين جنم ڏينهن جون مبارڪون ڏنيون ۽ ڪرتارپور منصوبي کي 10 مهينن ۾ مڪمل ڪندڙ سڀني ادارن، وزارتن ۽ ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته جيڪي به الله جا پيغمبر هن دنيا ۾ آيا اهي انصاف ۽ انسانيت جو پيغام کڻي آيا جتي انصاف ۽ انسانيت جو ڪو فرق نه هجي ته اهو معاشرو جانورن جي معاشري وانگر ڏيک ڏيندو آهي. هن چيو ته گرونانڪ جو نظريو ۽ فلسفو به انسانيت، محبت ۽ ڀائيچاري وارو آهي نه ڪي انسانيت جي تقسيم ڪرڻ ۽ نه ئي وري نفرتون ڦهلائڻ آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته برصغير ۾ اهي ماڻهو جيڪي انسانيت لاءِ آيا هئا جنهن ۾ وڏا وڏا صوفي بابا فريد شڪر گنج، نظام الدين اوليا، حضرت محي الدين چشتي اڄ به ماڻهو انهن جي مزارن تي ويندا آهن ڇاڪاڻ ته هو انسانيت لاءِ آيا هئا. وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته اهو ڪم اسان توهان لاءِ ڪري سگهياسين مون کي اڄ اندازو ٿيو آهي ته برصغير ۾ ڪرتارپور جي ڇا اهميت آهي. هي دنيا جي سک برادري جو مدينو آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ جا پيغمبر ليڊر هيا ۽ ليڊر نفرت ناهي ڪندو بلڪه ماڻهن کي ملائيندو آهي نيلسن منڊيلا 27 سال جيل ۾ رهڻ کان پوءِ به پنهنجي مجرمن کي معاف ڪيو ۽ محبت جو پيغام ڏئي خون جي راند کيڏي پنهنجي ملڪ کي بچايو. هن چيو ته اڳوڻي وزير اعظم من موهن سنگهه هڪ تقريب ۾ چيو هو ته والاريل ڪشمير جو مسئلو حل ڪيو وڃي ته برصغير جو خطو مٿي اُڀري سگهي ٿو. اهو ئي مون  نريندر مودي کي چيو پر هاڻي اهو مسئلو خطي جي حدن کان نڪري انساني حقوق جو مسئلو بڻجي چڪو آهي. نريندر مودي کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته انصاف سان امن ٿيندو آهي. ناانصافي سان انتشار ۽ انصاف سان امن پکڙجندو آهي، ڪشمير جي ماڻهن کي انصاف ڏيو ۽ سڄي برصغير کي ان مسئلي کان آزاد ڪيو جيئن اسان انسانن وانگر رهي سگهون. پرڏيهي کاتي جي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته 9 نومبر تي برلن ڀت ڪيرائي وئي، اڄ اسان ڪرتارپور کولي، سڀاڻي عارضي سرحد به مٽائي سگهجي ٿي. ان موقعي تي سک زائرين خوشي مان نهال هئا ۽ عمران خان کي دعائون ڏيندا رهيا. نوجوت سنگهه سڌو چيو ته دنيا ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي تاريخ ٺاهيندا آهن ۽ عمران خان اڄ تاريخ لکي آهي. هن سندس شان ۾ شعر به پڙهيو۽ چيو ته عمران خان ببر شير آهي. ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم من موهن سنگهه چيو ته پاڪستان ڀارت جي پراڻي خواهش پوري ڪري سک برادري تي احسان ڪيو آهي. اسين عمران خان جو شڪريو ادا ڪريون ٿا. ان کان اڳ وزيراعظم پهتو ته هن سان گڏ وزير داخلا اعجاز شاهه، مذهبي معاملن جو وزير پير نورالحق قادري، فردوس عاشق اعواڻ ۽ ذوالفقار بخاري به هئا. ان کانسواءِ افتتاحي تقريب ۾ گورنر پنجاب چوڌري سرور، وزيراعليٰ پنجاب عثمان بوزدار ۽ معروف ڪاروباري شخصيت انيل مسرت به شريڪ هئا. ڪرتارپور اچڻ بعد وزيراعظم عمران خان ٽرمينل ون ۽ اميگريشن ڪائونٽر جو دورو پڻ ڪيون ۽ ياترين لاءِ هلندڙ شٽل سروس ذريعي گورداواره پهتو جتي هن گوردواره جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو. اميگريشن ڪائونٽر تي پهچڻ وقت وزيراعظم عمران خان ياتري طور پاڪستان ايندڙ اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم من موهن سان هٿ ملائي ملاقات ڪئي ۽ ان کان خيريت دريافت ڪئي. ياد رهي ته واهگه ٻاردڙ جو لنگهه اڳ ۾ کليل هو پر سنڌ وٽان کوکرو پار لنگهه غير موثر بڻيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو