اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان هندو برادري کي هولي جي مبارڪباد ڏني آهي.وزيراعظم عمران خان سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان موجب هن هندو برادري کي هولي جي مبارڪباد ڏيندي لکيو ته اسان جي سموري هندو برادري کي هولي جو رنگن سان ڀريل تهوار مبارڪ هجي.واضح رهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هندو برادري اڄ هولي جو تهوار ملهائي رهي آهي. هي بهار جو هڪ هندو تهوار آهي هن کي رنگن جو تهوار يا محبت جو تهوار به چيو ويندو آهي.ان کان علاوه هن کي سٺي فصل جي لاءِ شڪرگذاري جي طور تي به ملهايو ويندو آهي.










