وزيراعظم جون سکر ۽ جعفرآباد جي ٻوڏ متاثرن سان ملاقاتون

وزيراعظم جون سکر ۽ جعفرآباد جي ٻوڏ متاثرن سان ملاقاتون

سکر(ن سنڌيار)وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي جعفرآباد ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺ الله دينو جو دورو ڪري سکر پهتو.وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي نصيرآباد ڊويزن جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ لاءِ سکر پهتو.وزيراعظم شهباز شريف جو سکر پهچڻ تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، وقتي گورنر ۽ چيف سيڪريٽري سندس استقبال ڪيو.بلوچستان جو وڏو وزير به وزيراعظم سان گڏ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪري رهيو آهي.جعفرآباد پهچندي وزيراعظم سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو هوائي سروي به ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو