وزيراعظم شهباز شريف، ملائيشيا جي دوري تي پهچي ويو

وزيراعظم شهباز شريف، ملائيشيا جي دوري تي پهچي ويو

ڪوالالمپور(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ملائيشيا پهچي ويو آهي، وزيراعظم ڪوالالمپور جي بانگا رايا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿا، جتي ملائيشيا جي اطلاعات ۽ رابطن واري وزير ۽ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر کين ڀليڪار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف کي بعد ۾ شاهي پروٽوڪول سان سندن رهائشگاهه ڏانهن وٺي ويا. جتي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کيس ڀليڪار ڪيو. شهباز شريف چيو: “مون کي ملائيشيا اچي تمام خوشي ٿي آهي، ۽ مان ملائيشيا جي وزيراعظم جو دل جي گهراين سان مهرباني چوان ٿو، جنهن اهڙي گرمجوشي سان آجيان ڪئي. هي دورو پاڪستان ۽ ملائيشيا جي ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.” دوري تي روانگي کان اڳ وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي ملائيشيائي هم منصب سان واپار ۽ معاشي لاڳاپن جي مضبوطيءَ بابت جامع ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جا منتظر آهن. “مان پنهنجي پياري ڀاءُ، وزيراعظم انور ابراهيم جي دعوت تي 5 کان 7 آڪٽوبر تائين سرڪاري دوري تي ملائيشيا پيو وڃان. اسان جي گڏيل خواهش آهي ته واپار، معاشي لاڳاپن ۽ ٻين ٻه طرفن معاملن ۾تعاون کي وڌايو وڃي.” هن وڌيڪ چيو ته دوري دوران اهم عالمي ۽ علائقائي معاملا به بحث هيٺ ايندا. وزيراعظم جي آفيس جي سرڪاري X اڪائونٽ بعد ۾ تصديق ڪئي ته هو لاهور مان ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي کاتي (FO) جي ترجمان موجب، وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ٻين وفاقي وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن جو وفد به آهي. پرڏيهي کاتي جي بيان ۾ چيو ويو ته شهباز شريف ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم وچ ۾ ڳالهين ۾ واپار، آءِ ٽي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن، حلال انڊسٽري، سيڙپڪاري، تعليم، توانائي، انفراسٽرڪچر، ڊجيٽل اڪانامي ۽ ماڻهن جي سطح تي رابطن کي وڌائڻ تي بحث ٿيندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته: “اُميد آهي ته ٻنهي اڳواڻن جي موجودگيءَ ۾ ڪيترن ئي موجوده ۽ نون شعبن ۾ تعاون لاءِ معاهدن ۽ ياداشتنامن (MoUs) تي صحيحون ڪيون وينديون.” ان ۾ چيو ويو ته: “هي دورو پاڪستان ۽ ملائيشيا جي مضبوط ۽ ڊگهي عرصي واري حڪمت عملي تي ٻڌل ڀائيواريءَ جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪا باهمي احترام، گڏيل مفادن ۽ مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهي.” ياد رهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جا اقتصادي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا تمام مضبوط آهن۔ اپريل ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم چيو هو ته پاڪستان جون سيڙپڪاريون ملائيشيا ۾ تقريباً 397 ملين ڊالر تائين پهچي ويون آهن، جڏهن ته مئي ۾ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني اسلاموفوبيا ۽ ٻين اسلامي دنيا جي مسئلن تي پاڪستان ۽ ملائيشيا جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو