وزيراعظم شهباز شريف جو سوئٽزرلينڊ جو دورو رد

وزيراعظم شهباز شريف جو سوئٽزرلينڊ جو دورو رد

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سوئٽزرلينڊ جو دورو رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ثالثي وارو ڪردار جاري رکندو.سفارتي ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف جو سوئٽزرلينڊ جو تجويز ڪيل دورو رد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وزيراعظم کي اڄ سوئٽزرلينڊ روانو ٿيڻو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مذاڪرات جو عمل ايندڙ 60 ڏينهن تائين جاري رهندو ۽ ان دوران پاڪستان ثالثي جي عمل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو.سفارتي ذريعن موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران اليڪٽرانڪ صحيحون (دستخط) ڪرڻ کانپوءِ سوئٽزرلينڊ ۾ تجويز ڪيل ملاقات به رد ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو